ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: نيوزيلينڊ ڪينيڊا کي هارائي سپر ايٽ ۾ پهچي ويو، افغانستان باضابطا طور ٻاهر

چنئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ڪينيڊا کي شڪست ڏئي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچ حاصل ڪري ورتي.
چنئي ۾ ڪينيڊا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪئي، اوپنرن يووراج سامرا ۽ ڪپتان دلپريت باجوا ٽيم کي زبردست شروعات فراهم ڪندي 116 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.
سامرا 110 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، باجوا 36 رنسون ٺاهيون، ڪينيڊا مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسون ٺاهيون.
ڪيويز طرفان ميٽ هينري، جيڪب ڊفي، ڪائل جيمسين ۽ جمي نيشم هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
نيوزيلينڊ گهربل هدف آساني سان 15.1 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ورتو، گلين فلپس 76 ۽ راچن رويندرا 59 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيا.
گروپ ڊي مان نيوزيلينڊ ان ڪاميابي سان سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچي ويو ۽ افغانستان باضابطا طور ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو، ساڳئي گروپ مان ڏکڻ آفريقا اڳ ئي سپر ايٽ ۾ پهچي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.