مٺي(رپورٽ:غازي بجير) مٺي سول اسپتال ۾ ماءُ ۽ ٻار جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي جاچ رپورٽ ۾ ڊاڪٽرياڻيون ذميوار قرار ،ڊي ايڇ او ذميوار عملي خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪري ڇڏي، مٺي سول اسپتال ۾ ڊليوري بعد 24 ورهين جي درشنا ڪماري ۽ سندس تازي ڄاول ٻالڪ جي فوت ٿيڻ واري واقعي بعد فوتي ناري جي وارثن پاران ڊاڪٽرياڻين تي غفلت جو الزام ھڻڻ تي ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ڊاڪٽر ليکراج سارنگاڻي پاران جوڙيل 3 رڪني جاچ ڪميٽي رپورٽ ڊي ايڇ او کي پيش ڪري ڇڏي، ذريعن موجب جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڊليوري بعد ناري درشنا کي رت هلڻ باوجود گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽر کيس ڏسڻ نه آئي، جڏھن ته مريض ناري کي آپريشن ٿيٽر بدران ليبر روم ۾ رکيو ويو جنهن ڪري وڌيڪ حالت خراب ٿي، علاج ۾ دير ٿيڻ سبب سندس موت ٿيو، جاچ رپورٽ اچڻ بعد ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ذميوار ڊاڪٽرياڻين خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ليکراج سارنگاڻي چيو ته جاچ رپورٽ ۾ علاج دوران ڪيترن ئي خامين جي نشاندهي ٿي آهي، جاچ رپورٽ قانوني ڪارروائي لاءِ ڊي جي هيلٿ کي موڪلي ڇڏي آهي، ياد رهي ته 30 جنوري تي تازو ڄاول ٻار اسپتال ۾ ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ماءُ حيدرآباد منتقل ڪرڻ دوران رستي ۾ دم ڏنو هو، جڏهن ته متاثر خاندان وزيراعليٰ سنڌ کان اپيل ڪئي آهي ته غفلت ڪندڙ اسپتال عملي خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي، فوتي ناري ۽ ٻارڙي جي وارثن ديوان مکڻائي ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته ناري جي موت واري واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي،اسان ڪو به ٺاھ نه ڪنداسين نه وري ڪنھن کي معاف ڪنداسين،اسان سان ٺاھ لاءِ لنگھي اچڻ جي ڪير به زحمت نه ڪري، اسين ناري جي موت واري واقعي ۾ ملوث ليڊي ڊاڪٽرياڻين توڙي عملي کي قانوني طور سخت سزا ڏيارڻ چاھيون ٿا ته جيئن وري ڪا ٻي نياڻي جي حياتي ضايع نه ٿئي، فوتي ناري درشنا ۽ ٻارڙي جي واقعي ۾ ملوث ليڊي ڊاڪٽرياڻين سميت عملي کي بچائڻ لاءِ ڌريون وارثن وٽ لنگھي وڃڻ توڙي ميڙمنٿ ڪرڻ سرگرم ٻڌايون پيون وڃن،ذريعن موجب ته سول اسپتال مٺي جي ڪجھ ڊاڪٽرن کي فوتي ناري جي وارثن کي ٺاھ لاءِ راضي ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آھي، سول اسپتال جو ايم ايس معاملي کي ميڙمنٿ ۾ معاف ڪرائڻ واري چڪر ۾ لڳل ٻڌايو ٿو وڃي،