سي پي اين اي، پي بي اي ۽ ايمينڊ پاران خرم اقبال جي اغوا تي ڳڻتي ظاهر

ڪراچي/اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز، پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسي ايشن ۽ ايسوسي ايشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽر ”ايمينڊ“ ٽي وي چينل سان واڳيل صحافي خرم اقبال جي مبينا اغوا جي مذمت ڪئي آهي ۽ سندس فوري ۽ محفوظ آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته خرم اقبال جي خانداني ذريعن موجب، کيس لاهور ۾ سندس ڀيڻ  جي گهر مان کنيو ويو آهي. سي پي اين اي جنرل سيڪريٽري چيو ته صحافي خرم جي بازيابي ۽ سندس تحفظ سڀ کان اهم آهي. پي بي اي چيو ته خرم اقبال جي بنا قانوني ڪارروائي جي حراست جي مذمت ڪريون ٿا. ايمينڊ چيو ته خرم اقبال جي مبينا اغوا کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي. ان صورتحال گهرڀاتين کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، مجموعي طور تي صحافي برادري به ڳڻتي ۾ آهي. سي پي اين اي، پي بي اي ۽ ايمينڊ چيو ته ملڪ ۾ صحافين کي هراسان ڪرڻ، ڪوڙا ڪيس قائم ڪرڻ ۽ اظهار جي آزادي کي چٿڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن جيڪو پريشاني جوڳو ۽ خطرناڪ رجحان آهي. اهڙا اپاءَ نه رڳو آئين ۾ ڏنل بنيادي آزادين جي ابتڙ آهن پر جمهوري قدرن ۽ آزاد صحافت لاءِ به ڳنڀير خطرو آهن.

مريم نواز جي زبان ترڪڻ واري وڊيو شيئر ڪندڙ صحافي کنڀجي ويو

لاهور (منصور علي خان) مريم نواز جي وڊيو ٽوئيٽ ڪندڙ صحافي خرم اقبال کي سندس گهر مان کنڀيو ويو آهي. صحافيءَ مريم نواز جي وڊيو ڪلپ ٽوئيٽ ڪئي هئي جنهن ۾ مريم نواز جي زبان ترڪي وئي هئي. ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ئي صحافيءَ کي گهر مان کنڀي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ خبر ناهي ته ڪهڙي اداري  جي ماڻهن کيس کنيو آهي. سوال اهو آهي ته صحافين خلاف اها ڪارروائي ڪهڙي قانوني طريقي سان ڪئي وئي آهي ۽ اهو سلسلو ڪڏهن ختم ٿيندو؟ واقعو لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي حڪومت ۽ اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جي دور ۾ ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.