هڪ شخص چئن سالن دوران صرف ذاتي مفادن لاءِ ڪم ڪيو:احسن اقبال

ڄامشورو (رپورٽ : صدرالدين جوڻيجو/ پ ر) وفاقي وزير احسن اقبال طرفان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هٿرادو ذهانت جي شعبي ۾ تحقيق لاءِ جديد ليبارٽري ٺهرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان فورسز طرفان معرڪه حق ۾ شاندار ڪاميابيءَ کان پوءِ هاڻي عوام کي معرڪه معيشت ۾ ڪامياب ٿيڻو آهي، جنگيون ڪاميابيءَ سان تڏهن وڙهبيون آهن، جڏهن ملڪي معيشت مضبوط هجي، سنڌ يونيورسٽيءَ بيشمار دانشور ۽ اهلِ علم پيدا ڪيا آهن، خوشي آهي ته اهڙي تاريخي يونيورسٽيءَ ۾ ٻيو ڀيرو نوجوانن سان مخاطب آهيان. سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس کي شاندار آرٽيفشل انٽيليجنس ليبارٽريءَ لاءِ وفاقي حڪومت پاران فنڊنگ ڪئي ويندي، اهڙو اظهار هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ آخري سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ٿيسز نمائش جو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته دشمن رات جي وقت پاڪستان تي حملو ڪيو، پر پاڪستان جو ردعمل ايترو ته تيز هو جو دنيا ڏسي دنگ رهجي ويئي، مضبوط دفاع لاءِ مضبوط معيشت ضروري آهي، اسان جي فوج معرڪه حق ۾ سرخرو ٿي ۽ هاڻي قوم جو وارو آهي ته معرڪه معيشت ۾ به ڪاميابي حاصل ڪري ڏيکاري، پاڪستان ٺهڻ بعد ان وقت جي گهڻن ئي ارسطو چيو ته ملڪ گهڻو وقت هلي نه سگهندو، پر اسان جي بزرگن محنت ڪري ثابت ڪيو ته ثابت قدمي ذريعي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. هن چيو ته اهي بحران ان وقت پاڪستان کي انهيءَ ڪري درپيش هئا جو ورهاڱي بعد ملڪ کي فنڊز جو جائز حصو نه ڏنو ويو. هن چيو ته مختلف ملڪن ۾ رهندڙ 90 لک پاڪستاني هر سال 40 ارب ڊالر پاڪستان موڪلين ٿا، جڏهن ته ٻئي طرف 24 ڪروڙو عوام ملي به سال ۾ وڻج واپار ۽ محنت ذريعي 40 لک ڊالر نٿا ڪمائي سگهن، هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي 40 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي متحريڪ ٿيڻو پوندو ۽ معاشري جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. احسن اقبال چيو ته اسان وارو نسل پٽين تي پڙهيو ۽ 60 سالن جي عمر ۾ ‘فائيو جي’ جو سفر مڪمل ڪيو، پر نئين نسل گهڻو ڏٺو ۽ ايندڙ 6-7 سالن ۾ اهو دنيا کي بدلجندي ڏسندو، کين تبديلين سان گڏ هلڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.