موٽروي تي خوفناڪ حادثو، ٽئنڪر سميت ڪيئي گاڏيون ٽڪرائجڻ سبب 13 مسافر فوت

ملير (رپورٽ:جميل چانڊيو) ايم نائين موٽر وي انصاري پل لڳ خوفناڪ حادثو، 13 مسافر فوت، 6 زخمي، ابتي رستي کان ايندڙ بس کي بچائيندي آئل ٽينڪر ڀرسان گذرندڙ وين مٿان ڪلٽي، ريسڪيو ٽيمن فوتين ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو  خبر موجب ايم نائين موٽر انصاري پل ويجهو حيدرآباد کان ڪراچي ايندڙ ٽريڪ تي خوفناڪ حادثو ابتي پاسي کان ايندڙ بس کي بچائيندي آئل ٽينڪر ڀرسان گذرندڙ مسافر وين  تي ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 13 مسافر فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿيا، فوتين ۾ 12 ورهين جي منيبا ڌيءُ امير جان، 35 ورهين جو رفيع الله پٽ صاحب جان ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ رضوان پٽ غلام جان، ابرار، عافيا، امان، رحيمان طور ٿي، حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتي مسافرن جا لاش ۽ زخمين کي ڪڍي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، حادثي سبب ايم نائن موٽروي جا ٻئي ٽريڪ مڪمل طور تي بند ٿي ويا جنهن سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون، ايندڙ ويندڙ مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير واقعي واري هنڌ پهتو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم نائن موٽروي روڊ حادثي ۾ آئل ٽينڪر ۽ حيدرآباد کان ڪراچي ايندڙ مسافر ڪوچ آمهون سامهون ٽڪر ٿيو جنهن کي بچائڻ جي ڪوشش دوران ٽينڪر ڪلٽي ٿي ڀرسان گذرندڙ وين مٿان ڪرڻ جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو، واقعي بعد علائقائي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، ٻئي طرف واقعي بعد آءِ جي سنڌ لاڳاپيل پوليس اختيارين کي هدايت ڪئي ته فوري طور حادثي واري هنڌ پهچي علائقي کي محفوظ بڻايو وڃي. پوليس ۽ ريسڪيو ادارا هن وقت تائين واقعي واري هنڌ موجود آهن جڏهن ته حادثي جي سببن بابت جاچ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پڻ 13 فوتگين جي تصديق ڪندي زخمين کي ترت بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.هن حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿيلن جي وارثن سان دل سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. ضياءَ الحسن لنجار موجب، حادثي کانپوءِ روڊ کي صاف ڪيو ويو آهي ۽ ٽريفڪ جي رواني بحال ٿي چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.