ڪنڌ ڪوٽ سنڌ جو اهو قديم ۽ تاريخي شهر آهي جتي واپار سان گڏ تعليم جي شروعاتي بنيادن ۾ به ڪيترين معزز شخصيتن اهم ڪردار ادا ڪيو انهن ئي روشن شخصيتن مان هڪ نالو سرڳواسي فقير چند ولد اچلا رام ميگھواڙ جو آهي جيڪو ڪنڌ ڪوٽ جي شروعاتي دور جي هندو استادن مان هو ۽ جنهن پنهنجي سڄي حياتي علم جي واڌ ويجهه، شاگردن جي تربيت ۽ سماجي سڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
شروعاتي دور ۽ پس منظر ان دور ۾ جڏهن ڪنڌ ڪوٽ هڪ ننڍڙو شهر هو تعليمي سهولتون نه هجڻ جي برابر هيون باقاعده اسڪول، تربيت يافته استاد، ڪتاب ۽ درسي سامان اڻلڀ هئا اهڙي ماحول ۾ سرڳواسي فقير چند جهڙا فرد تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌيا ۽ پنهنجي ذاتي ڪوششن سان ٻارن کي پڙهائڻ شروع ڪيو استاد فقير چند جو تعلق هڪ معزز غريب مسڪين ميگھواڙ هندو گهراڻي سان هو جتي علم، سچائي ۽ اخلاق کي وڏي اهميت ڏني ويندي هئي سندس والد سرڳواسي اچلا رام پڻ علم دوست ۽ سماجي ڀلائيءَ جو حامي هو جنھن ھميشا پنهنجي ميگھواڙن سميت غريب مسڪينن جي بنا ڪنهن فرق جي مدد ڪئي ۽ جنهن پنهنجي موڀي فرزند سرڳواسي استاد فقير چند جي تربيت ننڍپڻ کان ئي اهڙي نموني ڪئي جو هو علم کي عبادت سمجهڻ لڳو تدريسي خدمتون ۽ انداز سرڳواسي فقير چند جو تدريسي انداز نهايت سادو اثرائتو ۽ محبت ڀريو هوندو هو. تعليم جي واڌ ويجهه ۾ ڪردار سرڳواسي استاد فقير چند ميگھواڙ ڪنڌ ڪوٽ ۾ ميگھواڙ برادري سميت مزدور طبقي جي ٻارن کي علم جي اھميت جي مڪمل ڄاڻ ڏني ٻارن کي اسڪول موڪلڻ تي آماده ڪرڻ ۽ غربت سبب پڙهائي ڇڏيندڙ ٻارن کي ٻيهر علم سان جوڙڻ سندس اهم خدمتن مان هئا ڪيترن ئي غريب ۽ يتيم ٻارن کي هن پنهنجي ذاتي خرچ تي ڪتاب ڪاپيون ۽ قلم وٺي ڏنا. ڪيترائي شاگرد جيڪي مالي تنگي سبب پڙهائي ڇڏي ڏيڻ وارا هئا. سرڳواسي استاد فقير چند جي همت افزائي ۽ سهائتا سبب تعليم جاري رکي ۽ اڳتي هلي سٺا استاد واپاري سرڪاري ملازم ۽ سماجي اڳواڻ بڻيا سرڳواسي استاد جو وچن ۽ خيال ھو ته صفائي، صحت، اخلاقي قدرن، ۽ بين المذاهب هم آهنگيءَ جو وڏو داعي هو مسلمان ۽ هندو برادرين جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ احترام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هميشه ڪوشان رهندو هو، سندس مجلسن ۾ علم، اخلاق، برداشت ۽ انسان دوستيءَ جون ڳالهيون ٿينديون هيون هو چوندو هو ته تعليم صرف روزگار جو ذريعو نه پر انسان بڻجڻ جو وسيلو آهي.
سرڳواسي فقير چند جو نالو ڪنڌ ڪوٽ جي تعليمي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو پر مقامي بزرگن جي يادگيرين ۽ سندس شاگردن جي زبان تي اڄ به سندس تعريفون زنده آهن اڄ ڪنڌ ڪوٽ ۾ تعليم جا ڪيترائي ادارا استاد ۽ پڙهيل نوجوان موجود آهن، جن جي بنيادن ۾ سرڳواسي فقير چند ميگھواڙ جهڙن محسنن جي محنت شامل آهي هو انهن خاموش معمارن مان هو جن بغير ڪنهن شهرت ۽ صلي جي سماج کي علم جي دولت سان مالا مال ڪيو سرڳواسي استاد فقير چند ولد اچلا رام ميگھواڙ جهڙيون شخصيتون ڪنهن به قوم جو قيمتي سرمايو هونديون آهن، اهڙن استاد جي خدمتن کي محفوظ ڪرڻ ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ ۽ کين خراجِ پيش ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي سلام آهي اهڙن عظيم استادن کي جن علم جي روشني سان ڪنڌ ڪوٽ کي روشن ڪيو.