پوليس اهلڪار کي گهٽ سزا جو فيصلو رد، مسئلو اهو آهي ته جج صاحب امپورٽڊ آهي:جسٽس محسن اختر

اسلام آباد (ع آ نيوز) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس اهلڪار کي گهٽ سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو مسئلو اهو آهي ته جج صاحب امپورٽڊ آهي، لاهور مان آيو آهي، لاهور مان اچڻ کانپوءِ خبر ناهي هوندي ڇا ڪرڻو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس اهلڪار طرفان ساٿي اهلڪار کي گولي هڻڻ جي ڪيس ۾ گهٽ سزا ڏيڻ خلاف درخواست منظور ڪري ورتي.جسٽس محسن اختر ڪياني ٽرائل ڪورٽ جو گهٽ سزا جو فيصلو رد ڪيو. 2022 ۾ پوليس اهلڪار طرفان ساٿي اهلڪار کي گولي هنئي وئي هئي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو مسئلو اهو آهي ته جج صاحب امپورٽڊ آهي، لاهور مان آيو آهي، لاهور مان اچڻ کانپوءِ خبر ناهي هوندي ته ڇا ڪرڻو آهي، سوال اهو آهي ته سزا 5 سال آهي ته جج سزا 4 سال ڪيئن ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جا حڪم به موجود آهن. عدالت درخواست گذار جي سيشن ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست منظور ڪري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.