ڪرپشن بابت تاثر ڳڻتي جوڳي حد تائين موجود، رڳو هڪ درجو بهتري!

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل طرفان جاري ڪيل ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس 2025ع موجب پاڪستان 100 مان 28 نمبر حاصل ڪري 182 ملڪن مان 136هين  نمبر تي رهيو آهي۔ رپورٽ موجب پاڪستان جي رينڪنگ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ درجي جي بهتري آئي آهي، جڏهن ته مجموعي طور ملڪ ۾ ڪرپشن بابت تاثر اڃا به ڳڻتي جوڳي سطح تي موجود آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته ڪرپشن خلاف اثرائتن قدمن، شفافيت ۽ احتساب جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن صورتحال ۾ حقيقي بهتري آڻي سگهجي. گذريل چئن سالن ۾ پاڪستان جي چئن درجن جي بهتري آئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.