ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ مسافر پاران ٺاهيل وڊيو جو نوٽيس ورتو آهي. پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي موجب، پي اي اي آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل جاچ جو حڪم ڏنو آهي. پي اي اي موجب، مسافرن کي ٽراليون نه ملڻ تي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ايئرپورٽ تي سامان لاءِ ٽرالين جي ڪا به کوٽ ناهي. ياد رهي ته هڪ مسافر وڊيو ۾ ٽرالي نه ملڻ جي شڪايت ڪئي هئي.