اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا)پاران ملڪ ۾ سولر صارفن لاءِ نيٽ ميٽرنگ جي جاءِ تي نيٽ بِلنگ متعارف ڪرائڻ بعد، ڪيترائي ماڻهو اهو سوال ڪري رهيا آهن ته هي نئون نظام ڇا آهي ۽ ان سان سولر سسٽم استعمال ڪندڙ نون ۽ پراڻن صارفين تي ڪهڙو اثر پوندو؟هن نئين نظام سان بنيادي تبديلي اها ايندي ته نيپرا جي نون قاعدن تحت، سولر صارف پنهنجي اضافي پيدا ٿيل بجلي اڳ کان گهڻي سستي اگهه تي وڪرو ڪندا، جڏهن ته پنهنجي ضرورت لاءِ بجلي مهانگي ٽيرف تي خريدڻي پوندي۔ان کان اڳ، نيٽ ميٽرنگ تحت، صارفين جي پيدا ڪيل بجلي جي مقدار جي برابر ئي انهن جو بجلي جو بل گهٽجي ويندو هو،سوشل ميڊيا تي حڪومت جي ان فيصلي خلاف باهه ٻريل آهي،ن ليگ جي ناراض اڳواڻ ڊاڪٽر سيد آصف ڪرماڻي ٽوئيٽ ڪيو ته نئين “سولر نيٽ ميٽرنگ يا جيرا بليڊ پاليسي” عوام جو کيسي ڪٽڻ جي برابر آهي، بلڪه اهي ته جيرا بليڊ کان به ٻه قدم اڳتي نڪري ويا آهن۔چند حرامخور آءِ پي پيز ۽ ڊسڪوز جا وڌيڪ کيسا وڌيڪ ڀرڻ لاءِ ۽ عوام جو ”قيمو“ بڻائڻ وارو هي جابراڻو فيصلو ڪيو ويو آهي،هي عوام کي ڪٿي به سک جو ساهه کڻڻ نه ڏيندا،سينئر صحافي سيد طلعت حسين لکيو ته هي نظام بي روح آهي۔نيپرا جي وڌيڪ پٺڀرائي وارن بيوروڪرن کان وٺي حڪومت جي بي معنيٰ پاليسي سازي تائين، سڄو نظام ماڻهن کي هزارين طريقن سان نقصان پهچائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي،پ پ اڳواڻ نديم افضل چن لکيو ته مافيا کي پئسا ڏيڻ لاءِ سولر لڳائيندڙن سان هڪ وڏو فراڊ شروع ٿي ويو آهي، مان حڪومت ۽ نيپرا جي فيصلي خلاف عدالت ويندس عدنان عادل لکيو ته نئين سولر پاليسي وچولي طبقي کي دٻائڻ ۽ نپوڙڻ لاءِ هڪ ٻيو قدم آهي۔اشرافيا ڪنهن کي به سادي زندگي گذارڻ جي اجازت نٿي ڏئي،معاشي ماهر اسد علي شاهه لکيو ته هي فيصلو ٽٽل نظام جي تحفظ لاءِ معيشت کي ڪمزور ڪري ٿو۔نيٽ ميٽرنگ ختم ڪرڻ، بائي بيڪ ريٽ گهٽائڻ، ۽ اڳ ۾ موجود پروسومرز کي پوئتي لاڳو ٿيندڙ نيٽ بِلنگ ۾ منتقل ڪرڻ سان، نيپرا حڪومت جي مالي استحڪام لاءِ گهرن ۽ ايس ايم ايز کي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جن پنهنجو سرمايو ڇت تي سولر ۾ لڳايو هو،هن لکيو ته هي سڌارا ڪارڪردگي تي ٻڌل ناهن،هي ضابطن ذريعي خساري جو انتظام آهي،اڳوڻي گورنرمحمد زبير نيپرا جو نيٽ ميٽرنگ سسٽم ختم ڪرڻ جو فيصلو اسد علي شاهه طرفان شاندار انداز ۾ سمجهايو ويو آهي۔ هي حڪومت مسلسل ثابت ڪري رهي آهي ته اسان جي اقتصادي چيلنجز، خاص طور تي بجلي واري شعبي، لاءِ ان وٽ ڪو حل ناهي،هن چيو ته شهري ماڻهن کي وڌيڪ ادا ڪرڻ ڇو گهرجي صرف ان ڪري جو هي حڪومت نااهل، بي اثر ۽ تخليقيت کان خالي آهي؟هي ريفارم ناهي۔ ۽ پاڪستان کي ريفارمز جي ضرورت آهي،صحافي عمر چيما لکيو ته هڪ اهڙي رياست جيڪا پهريان سيڙپڪاري کي همٿائي (مثال: سولر پينلز) ۽ پوءِ قاعدا تبديل ڪري ان کي روڪي ٿي،اهڙي رياست تي نه ته پنهنجا شهري اعتماد ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي غيرملڪي سيڙپڪار،ناڻي واري اڳوڻي وزيرمفتاح اسماعيل لکيو ته عوام تي فتح حاصل ڪرڻ،وفاقي حڪومت کي مبارڪ هجي، نيپرا نيٽ بِلنگ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي۔ هاڻي حڪومت صارفن کي بجلي 40 رپيا في يونٽ ۾ وڪڻندي، 11 رپيا في يونٽ تي خريداري ڪندي،ايف بي آر 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائيندي، پر اهو ٽيڪس توهان جي 11 رپين مان ڪٽيو ويندو،اڳوڻي وفاقي وزيرچوڌري فواد حسين لکيو ته سيٺن لاءِ بجلي سستي ڪرڻ خاطر گهريلو صارفن تي ٻه طرفو حملو ڪيو ويو آهي۔هڪ پاسي بجلي جا اگهه وڌايا ويا آهن، ۽ ٻي پاسي عملي طور سولر نيٽ ميٽرنگ کي ختم ڪيو ويو آهي،هن چيو ته ايوب خان جي دور جا 22 خاندان هاڻي اولاد سميت وڌي ٻه سئو خاندان ٿي چڪا آهن، ۽ زرداري ۽ شريف خاندان به انهن ٻن سؤ جي برابر آهن پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر شرميلا صاحبه فاروقي لکيو ته بجلي في يونٽ 40 رپين ۾ وڪڻڻ، سولر مان پيدا ٿيل بجلي 11 رپين في يونٽ ۾ واپس خريد ڪرڻ، ۽ ٻنهي پاسن کان صارف تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ــ اهو سڌارو (ريفارم) ناهي، اهو سڌو سنئون استحصال آهي،هن چيو ته نيٽ ميٽرنگ جو مقصد صاف توانائي کي هٿي ڏيڻ هو، نه ته شهري کي مهانگي بجلي جي اگهن کان بچڻ تي سزا ڏيڻ۔ هي پاليسي سولر توانائي کي اپنائڻ جي حوصلا شڪني ڪري ٿي، موسمياتي واعدن کي ڪمزور بڻائي ٿي، ۽ انهن گهرن کي سزا ڏئي ٿي جيڪي گرڊ تي بار گهٽائي رهيا آهن۔ هي پاليسي صارف دشمن آهي۔قابلِ تجديد توانائي دشمن آهي۽ مڪمل طور غلط پيغام ڏئي ٿي،عامر شريف چيو ته غلط رٿابندي سان پاور پلانٽ لڳايا ويا ، انهن جي قيمت هميشه غريب گرڊ استعمال ڪندڙ ادا ڪن ٿا۔ٽرانسميشن نيٽ ورڪ جي توسيع ۾ ناقص منصوبابندي ڪئي وئي ــ ان جو بار به وري غريب گرڊ صارفن تي وڌو ويو،اداڪار خالد انعم چيو ته اهي اسان کي ڏينهن ڏٺي ڦري رهيا آهن ۽ ان کي “پاليسي” جو نالو ڏئي رهيا آهن۔گذريل سال پاڪستان جي پگهاردار طبقي 600 ارب رپيا ٽيڪس ادا ڪيو۔بجلي ڪمپنين 213 ارب رپين جو نقصان ڪيو۔هاڻي حساب ڪريو اوهان جي پگهار مان ڏنل ٽيڪس جو لڳ ڀڳ هڪ ٽيون حصو سڌو انهن نقصانن کي پورا ڪرڻ ۾ وڃي رهيو آهي۔۽ جڏهن ماڻهن هن مسئلي مان نڪرڻ لاءِ سولر پينل لڳايا، ته ڇا ٿيو؟ حڪومت نيٽ ميٽرنگ جا فائدا گهٽائي ڇڏيا۔ هميشه پريشان وچولي طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ ڇو آسان هوندو آهي، پر نااهل ادارن کان حساب وٺڻ ڇو ڏکيو؟اسان محنت ڪيون ٿا۔اسان ٽيڪس ادا ڪيون ٿا۔اسان اهڙي نظام جا حقدار آهيون جيڪو اسان جي خلاف نه، پر اسان لاءِ ڪم ڪري.سيد علي عباس زيدي چيو ته حڪومت اهم سياسي رانديگرن ۽ انهن جي ارب پتي دوستن کي آءِ پي پيز (IPP) جي ڦرلٽ ۾ سهولت فراهم ڪري رهي آهي، جيڪي ناقابلِ يقين منافعو (ROI) حاصل ڪري رهيا آهن۔ٻئي طرف، حڪومت وچولي طبقي کي، جيڪو ملڪ جي معيشت ۾ حصو وجهي ٿو، سخت ۽ پوئتي لاڳو ٿيندڙ سولر پاليسي ذريعي سزا ڏئي رهي آهي۔اهو سڀ ان حڪومت جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪا نه شهرين کي جوابده آهي ۽ نه ئي ووٽن ذريعي اقتدار ۾ آئي آهي،آئمه خان لکيو ته نيپرا قومي گرڊ کي ڄڻ ته يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي۔ نيٽ ميٽرنگ کي ڪمزور ڪري، اهي شهري ماڻهن کي مجبور ڪري رهيا آهن ته هو رياست جي انتظامي ناڪامين ۽ وڌايل آءِ پي پي (IPP) ادائگين کي سبسڊي ڏين۔انهن جو مقصد هڪ اهڙو قيدي ٽيڪس بنياد ٺاهڻ آهي، جنهن وٽ ٽٽل نظام جي قيمت ادا ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هجي۔
حڪومت سولر استعمال ڪندڙن جو سُک ڦٽائي ڇڏيو
اسلام آباد/دبئي(ڪامران خان)پاڪستان ۾ سولر جو سج اوچتو لاٿو ويو آهي، بجلي، لوڊ شيڊنگ ۽ رياستي نااهلي کان بچڻ وارن لکين سولر صارفن لاءِ حڪومت هڪ ئي فيصلي ۾ سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو آهي،نيٽ ميٽرنگ تقريباً ختم، خريداري جي قيمت اڌ، معاهدا ننڍا ۽ پابنديون سخت اهڙو لڳي ٿو ڄڻ سولر استعمال ڪندڙن جي سُک جو سوئچ آف ڪيو ويو آهي،مشهور انرجي افيئرز ماهر عمار ايچ خان ۽ عاصم اظہر چيو ته حڪومت وٽ ڪو ٻيو رستو موجود نه هو،آءِ پي پيز جي وڏي ڪيپسٽي پيمينٽ، بگڙندڙ گرڊ ۽ مالي دٻاءُ اهڙو هو جو سولر مراعتون گهٽائڻ اڻٽر ٿي چڪو هوڀلي ان جي قيمت عوام کي ڇو نه ادا ڪرڻي پوي۔
50 کان وڌيڪ بجلي گهر سياستدانن ۽ فرنٽ مينن جا آهن
اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا)پيپلز پارٽي جي لڳايل آءِ پي پي پيز (IPP) جو اربين رپين جو خرچ به ته آخرڪار عوام ئي ادا ڪندو آهي۔ في يونٽ ڊالرن ۾ اگهه مقرر ڪرڻ جي شروعات به 1994 واري پاليسي تحت ڪئي وئي، جنهن کي شريف خاندان پنهنجي دور ۾ وڌيڪ وڌايو۔شريف خاندان جا ته هاڻي ماشاءَالله پنهنجا ئي بجلي گهر آهن۔ هاڻي سڀني کي ڪيپيسٽي چارجز به ادا ڪرڻا پون ٿا۔ پنجاهه کان وڌيڪ بجلي گهر سياستدانن يا انهن جي فرنٽ مينن جا آهن۔اسان جي ڪل بجلي جي ضرورت تقريباً 25 هزار ميگا واٽ هئي، پر اڳوڻين حڪومتن 41 هزار ميگا واٽ جا بجلي گهر لڳائي ڇڏيا۽ سڀني سان معاهدو ڪيو ته انهن جي سڄي بجلي خريد ڪئي ويندي، ۽ جيڪڏهن بجلي نه به خريد ڪئي وئي ته به پئسا ڏنا ويندا۔ڇهه بجلي گهر مڪمل طور بند پيا آهن، پر معاهدن موجب اڄ به انهن کي ادائگيون ٿي رهيون آهن۔هاڻي مزيدار ڳالهه اها آهي ته اسان 16 هزار ميگا واٽ اهڙي بجلي جا اربين رپيا ادا ڪري رهيا آهيون، جيڪا استعمال ئي نٿي ٿئي۔اهي سڀ پ پ ۽ ن ليگ جا ئي ڪارناما آهن،
ليگي اڳواڻ بئريسٽر ظفرالله پاران به حڪومتي فيصلي جي مخالفت
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ن ليگ اڳواڻ بئريسٽر ظفرالله چيو آهي ته مان هڪ پاڪستاني شهري ۽ صارف جي حيثيت سان حڪومت جي سولر بجلي سان لاڳاپيل تازي فيصلي جي حمايت نٿو ڪري سگهان. حڪومت کي گهرجي ته اهو فيصلو فوراً ٻيهر جائزو وٺي،هن چيو ته هن معاملي جو ايندڙ فورم پوءِ هاءِ ڪورٽ هوندو، پر معاملو اتي تائين نه پهچڻ گهرجي،پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر چيو ته عوام پنهنجي بچت مان ۽ قرض وٺي سولر پينلز لڳايا، حڪومت پهريان ترغيب ڏيندي رهي، پر پوءِ پنهنجو وعدو ٽوڙي ڇڏيو،هن چيو ته سبب اهو آهي ته آءِ پي پي مافيا جو دفاع ڪيو وڃي ٿو، جيڪي مهانگن اگهن تي ڊالرن ۾ بجلي حڪومت کي وڪڻن ٿا، ۽ ڀلي حڪومت بجلي خريد به نه ڪري، پوءِ به ڪيپيسٽي پيمنٽ ڏيڻي پوي ٿي۔انهن اميرن جي مافيا کي بچائڻ لاءِ حڪومت عوام تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي۔
نئين نيٽ ميٽرنگ پاليسي تي پ پ کي اعتراض، سستي بجلي پيدا ڪندڙن کي نقصان ڏنو پيو وڃي:شيري رحمان
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي نئين نيٽ ميٽرنگ پاليسي تي اعتراض ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان نئين نيپرا پاليسي کي پاڪستان جي ماحولياتي واعدن جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو.هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته نيپرا جا نوان قاعدا صاف ۽ سستي بجلي فراهم ڪندڙ شهرين کي سزا ڏيڻ جي برابر آهن، نيپرا تي ڀروسو ڪري سولرائيزيشن ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي نقصان پهچايو پيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته روف ٽاپ سولر ۽ ٻين سيڙپڪارن کي ناڪاري پيغام ڏنو پيو وڃي، بجلي جي ورڇ واري نظام کي يا ته خانگايو وڃي يا صوبن حوالي ڪيو وڃي.واضح رهي ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) نيشنل گرڊ کي بجلي وڪرو ڪرڻ جي اگهن ۾ لاٿ ڪري ڇڏي آهي.نئين ريگيوليشنز 2026 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب پراڻا سولر واهپيدار پنهنجي بجلي نيشنل گرڊ کي 25 رپيا 32 پئسا في يونٽ جي پراڻن ريٽن تي ئي وڪرو ڪندا، پر نون واهپيدارن لاءِ نيشنل گرڊ کي وڪرو ڪيل بجلي جي في يونٽ ريٽ ۾ 17 رپيا 19 پئسا وڏي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، هاڻي نوَن واهپيدارن کي في يونٽ قيمت 8 رپيا 13 پئسا ملندا.
اسان وڏن سيٺن کان نه ڊناسين:اويس لغاري
اسلام آباد(بيورو)توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته شهبازشريف حڪومت جي توانائي بابت پاليسين جي عالمي ادارا به ساراهه ڪري رهيا آهن،صارفن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ نيپرا جي ذميواري آهي،سينيٽ ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته اسان وڏن وڏن سيٺن کان نه ڊناسين،ڪنهن جي سفارش ۽ اثررسوخ کان خوف نه ڪيو،هن چيو ته اسان کي آئنده ڇهن سالن ۾ 3400 ارب جيڪي وڌيڪ سيٺن جي کيسن ۾ وڃڻا هئا اهي شهباز شريف حڪومت واپس ڪري سڀني جي معاهدن تي نظرثاني ڪئي،397 ارب رپين جو باقي بار آهي،جيڪي ايندڙ ٽن سالن ۾ ادا ڪيا ويندا،هن چيو ته نيشنل گرڊ تي صارفن جو انگ 3 ڪروڙ 47 لک کان وڌيڪ آهي،انهن مان رڳو 4 لک 66 هزار506 صارفن وٽ نيٽ ميٽر آهي
سولر نيٽ ميٽرنگ کانپوءِ پروٽيڪٽڊ واهپيدارن کان فڪسڊ چارجز اوڳاڙي جو فيصلو
اسلام آباد (بيورو) نين سولر نيٽ ميٽرنگ ريگيوليشنز کانپوءِ پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي به فڪسڊ چارجز لاڳو ڪرڻ جي تجويز سامهون اچي وئي. نيپرا ۾ بجلي جي نئين ٽيرف لاءِ پاور ڊويزن جي درخواست تي ٻڌڻي نيپرا چيئرمين وسيم مختار جي صدارت ۾ ٿي جنهن دوران نئين ٽيرف ۾ پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ فڪسڊ چارجز تجويز ڪيا ويا جڏهن ته ڪراس سبسڊي کي گهٽ ڪرڻ جي تجويز به پيش ڪئي وئي. ماهوار 300 يونٽ تائين گهريلو واهپيدارن تي فڪسڊ چارجز لڳائڻ جي تجويز تي پاور پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ ڪمپني جي عملدارن طرفان نيپرا کي چيو ويو ته فڪسڊ چارجز ٻنهي پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي لڳايا وڃن. نيپرا کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پهريان رڳو 300 يونٽ کان وڌيڪ جي نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي فڪسڊ چارجز لاڳو آهن، ماهوار 100 يونٽ استعمال ڪندڙ پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 200 رپيا فڪسڊ چارجز جي تجويز آهي جڏهن ته ماهوار 200 يونٽ جي پروٽيڪٽڊ گهريلو واهپيدارن تي 300 رپيا ماهوار فڪسڊ چارجز جي تجويز آهي. عملدارن طرفان بريف ڪيو ويو ته 100 يونٽ تائين جي نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 275 رپيا ماهوار فڪسڊ چارجز جي تجويز آهي جڏهن ته ماهوار 200 يونٽ تائين جي نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 300 رپيا فڪسڊ چارجز جي تجويز آهي. 300 يونٽ تائين استعمال ڪندڙ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 350 رپيا فڪسڊ چارجز جي تجويز آهي جڏهن ته 301 کان 400 يونٽ جي نان پروٽيڪٽد واهپيدارن تي فڪسڊ چارجز 400 رپيا ڪرڻ جي تججويز آهي. نيپرا کي اها به تجويز ڏني وئي ته 401 کان 500 يونٽ جي نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ فڪسڊ چارجز 500 رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي جڏهن ته 600 يونٽ استعمال ڪرڻ تي فڪسڊ چارجز 75 رپيا واڌ سان 675 رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 700 تائين يونٽ استعمال ڪرڻ تي فڪسڊ چارجز 125 رپيا گهٽتائي کانپوءِ 675 رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي.