ميهڙ (عوامي آواز رپورٽ) ميهڙ ۾ پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ ٿيل مقابلي دوران ٽي پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ جمعدار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽي ڳوٺاڻا پڻ زخمي ٿي پيا۔. ذريعن موجب مقابلي ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ امام الدين کوسو، عبدالحفيظ مهيسر ۽ عرفان علي چانڊيو شامل آهن، جڏهن ته جمعدار سڪندر ڀرڳڙي زخمي ٿي پيو۔. هٿياربندن جي فائرنگ سبب ڳوٺاڻا نذير، معشوق ۽ علي مراد بروهي به زخمي ٿيا۔. زخمين جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ پوليس جي وڏي نفري سرچ آپريشن ڪيو. پوليس موجب هٿياربندن ميهڙ-فريد آباد روڊ بلاڪ ڪري درگاهه شاهه گودڙيو ويندڙ زائرين سميت ايندڙ ويندڙ ماڻهن کان ڦرلٽ پئي ڪئي ته پوليس پهچڻ تي مقابلو ٿي پيو، فائرنگ ۾ ميهڙ ۽ قاضي عارف ٿاڻي جا 3 اهلڪار امام الدين کوسو، عرفان چانڊيو ۽ پوليس موبائيل ڊرائيور حفيظ مهيسر شهيد ٿي ويا.