اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته دهشت گردي ۽ خودڪش حملن بابت صرف خطي جي ملڪن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي چيو ته هن وقت سنڌو درياءَ جي ٻئي پاسي پشتون ۽ بلوچ علائقن ۾ ڇڪتاڻ آهي، هن دهشتگردي سان لاڳاپيل مسئلا پارليامينٽ ۾ حل ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته مون ٻڌو آهي ته داعش اسلام آباد حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي، دهشتگردي تڏهن شروع ٿي جڏهن هتان روس خلاف افغانستان ۾ بين الاقوامي گروپن جي حمايت ڪئي. محمود خان اچڪزئي چيو ته افغانستان واحد جنگ آهي جنهن ۾ سڄي دنيا شامل ٿي آهي، هن وقت ايران جي بهاني اسان جي علائقي کي جنگ ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته گڏيل قومن کي پاڪستان، افغانستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي گڏيل ڪانفرنس سڏائڻ گهرجي، افغانستان کي دنيا جي ملڪن جي سامهون ويهارڻ گهرجي ۽ ان کان سوال پڇڻ گهرجن ته جيئن هو جواب ڏئي. محمود خان اچڪزئي چيو ته سلامتي ڪائونسل جا ملڪ مضبوط آهن، اجلاس سڏائي علائقائي امن لاءِ ڳالهيون ڪن.