رمضان ۾ دڪاندار شين جا اگهه وڌائي ڇڏيندا آهن،اسان اٽي اگهه تي ڪنٽرول رکيو آهي: مراد علي شاهه

سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ)وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالھ سيوهڻ شريف پھچي ۾ قلندر لعل شھباز جي 774 ھين عرس جي اختتام  واري موقعي تي مزار تي چادر چڙھي فاتحه خواني ڪئي. جنهن بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ 3-4 ڏينهن اڳ پيش آيل واقعي سبب سيڪيورٽي خطرا موجود هئا، جنهن ڪري سيوھڻ ميلي ۾ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا،هن ڀيري به مجموعي طور انتظام سٺا رهيا آهن جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي ٿي آهي ته ان مان سبق حاصل ڪيو ويندو۔ هن ٻڌايو ته ٽن ڏينهن دوران لڳ ڀڳ 30 لک زائرين عرس ۾ شرڪت ڪئي۔ زائرين جي وڌندڙ تعداد کي نظر ۾ رکندي مستقبل ۾ وڌيڪ بهتر انتظامن جي ضرورت آهي۔ وزير اعليٰ نشاندهي ڪئي ته رمضان المبارڪ جي موقعي تي دڪاندار شين جون قيمتون وڌائي ڇڏيندا آهن، جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ مذهبي موقعن تي قيمتون گهٽ ڪيون وينديون آهن۔ هن چيو ته هن ڀيري بهتر حڪمت عملي اختيار ڪندي ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول رکيو ويو آهي،هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت هميشه صحافين جي حقن لاءِ آواز اٿاريندي رهي آهي پر صحافين کي به پنهنجي اخلاقي ذميوارين جو خيال رکڻ گهرجي، هن چيو ته حڪومت ڪرپشن خلاف سخت قدم کنيا آهن ۽ ڪيترن ماڻهن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي۔ ان موقعي تي صوبائي وزير اوقاف سيد رياض حسين شاهه شيرازي، صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه،۽ ٻيا به ساڻس گڏ موجود هئا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.