سنڌي ٻولي کي خطرو آهي،نئين نسل کي مادري ٻولي نٿي پڙهائي وڃي:ادل سومرو

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري، شاعر، محقق،تعليمدان ۽ نامور اديب ادل سومرو چيو ته هن وقت سڀ کان وڏو خطرو سنڌي ٻولي کي آهي، جيڪا سنڌ جي نئين نسل ۾ پڙهي ۽ لکي نه ٿي وڃي، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي اديبن، شاعرن کي شريف ڪميشن طرفان سنڌي ٻوليءَ جي خاتمي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل سنڌي اديبن جي هلچل جي دور کي ورجائڻو پوندو، جنهن جي شروعات پنهنجي گهر جي ٻارن کي سنڌي ۾ پڙهائڻ کان ڪرڻي پوندي، هن اها ڳالهه سنڌي ادبي سنگت عورت شاخ طرفان ” سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ” تي پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي گل رنگ ڪينٽين تي ليڪچر ڏيندي ڪئي هن چيو ته جڏهن شريف ڪميشن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم صرف پنجين ڪلاس تائين مقرر ڪئي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏني وئي ته سنڌي ادبي سنگت پنهنجي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ تائين جلوس ڪڍي شريف ڪميشن جو فيصلو واپس ڪرايو ۽ ون يونٽ خلاف سنگت پنهنجو احتجاج ڪندي ون يونٽ خلاف ھلچل جي اڳوڻي ڪئي ۽ قيد ڪاٽيو، هن چيو ته رسول بخش پليجو هڪ انقلابي گيت کان متاثر ٿي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين جو مرڪز پنهنجي گهر کي بڻايو ۽ 1955 ۾ ئي نجم عباسي، جمال ابڙو ۽ ٻيا سنگت جا مزاحمتي اديب ٿي اڀريا ،جمال ابڙو ۽ ٻين جيل ياترا به ڪئي، خيرپور جيل ۾ رسول بخش پليجو ۽ عبدالوالحد آريسر سنگت جي شاخ کولي حيدرآباد ۽ ٻين جيلن ۾ قيد اديبن سنڌي ادبي سنگت جون شاخون کوليون، هن چيو ته سنگت جي آئين ۾ عورت اديبن جي الڳ شاخ کولڻ جي منع نه ٿيل آهي ۽ ماضيءَ ۾ به عورت شاخ مارئي هاسٽل سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ٻين هنڌن تي ڪم ڪنديون هيون، هن چيو ته سنڌي اديبن جي اڪثريت سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ تحفظ وارو سنگت جو وچن وساري پنهنجي نسل کي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيارڻ بند ڪري ڇڏي آهي، اهي نجي مهانگن اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا تي ته خوش ٿين ٿا، پر انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ڏيڻ جي قانوني حق ڏيڻ تي خاموش آهن ۽ ڪيترائي پنهنجن گهرن ۾ ٻارن سان ٻين ٻولين ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا ان ڪري وچن وساريل هاڻي سنڌي اديبن ڪري هاڻي سنڌي ٻولي رڳو ڳالهائڻ واري رهجي ويندي جنهن سان سنڌي ادب جو وجود خطري ۾ اچي ويندو، هن چيو ته هر سنڌي اديب ۽ لکيل پڙهيل فرد کي مهيني ۾ گهٽ ۾ هڪ ڪتاب ۽ روزانو سنڌي اخبار خريد ڪرڻ گهرجي ۽ ليکڪ کان سندس ڇپيل ڪتاب کي اعزازي طور وٺڻ جو رواج ختم ڪري اهو  خريد ڪرڻ گهرجي ان موقعي تي ليکڪ عابده گهانگهرو،انيس ميمڻ، راشد لکمير ۽ ٻين سوال ڪندي ۽ ڳالهائيندي چيو ته اها افسوس جي ڳالهه آهي ته لاتعداد عورت شاعرن، ناول نگار ،عورت اديبن جي سرگرم وجود هوندي به چونڊن ۾ صرف 03 عورت ڪائونسلر آهن باقي 395 مرد اديب ڪائونسلر آهن، سنگت ۾ عورت اديبائن کي گهربل اهميت ۽ جڳهه ملڻ گهرجي، ماضيءَ ۾ سگھڙين سٿ رسالي لاتعداد اديبائون پيدا ڪيون هيون، جن جو تعداد اڳي کان وڌي چڪو آهي، ان ليڪچر پروگرام ۾ مونس اياز، نامور شاعره ساڀيان سانگي ،رضيه کوکر ،اظهر ٻانڀڻ، آمنه ابڙو،خالدہ پيرزادو، زينت ۽ ٻين شرڪت ڪئي، پروگرام جي صدارت نامور ليکڪا سلطانه وقاصي ڪئي جڏهن ته سنڌيا سومرو شاهه لطيف جو ڪلام ڳائي ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.