اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن الڳ ڪارروائين ڀارتي پراڪسي حمايت يافته 41 دهشتگردن کي مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، 29 جنوري تي بلوچستان ۾ ٻه مختلف ڪارروائيون ڪيون ويون، جنهن دوران ڀارتي پراڪسي تنظيمن سان واسطو رکندڙ 41 دهشتگرد ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، هرنائي ضلعي جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع بنياد تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ڀارتي سرپرستي هيٺ سرگرم 30 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جو تعلق فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندوستان سان هو، جن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، هٿ آيل مواد کي موقعي تي ئي ناڪارا بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، ٻي انٽيلجنس بيسڊ ڪارروائي پنجگور ضلعي ۾ ڪئي وئي، جنهن دوران دهشتگردن جو ٺڪاڻو تباهه ڪيو ويو، ڪارروائي ۾ فتنه الهندوستان سان واسطو رکندڙ 11 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا بارود ۽ بينڪ ڌاڙن دوران ڦريل رقم پڻ هٿ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد ماضي ۾ ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث رهيا آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ وڌيڪ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن، ”عزمِ استحڪام“ جي ويزن تحت دهشتگردي جي خاتمي واري مهم مڪمل رفتار سان جاري رهندي، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پرڏيهي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.