ڪراچي)ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه کي عهدي تان هٽايو ويو آهي.
سنڌ پوليس طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پير محمد شاهه جي جاءِ تي مظهر نواز شيخ کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، گل پلازا سانحي کانپوءِ ٽريفڪ انتظام بهتر نه هئڻ سبب پير محمد شاهه کي عهدي تان هٽايو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گل پلازا ۾ باهه لڳڻ کانپوءِ پلازا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي هئي، ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب فائر بريگيڊ کي واقعي واري هنڌ تي پهچڻ ۾ به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو هو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گل پلازا ۾ پيش آيل باهه واري واقعي ۾ 79 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.
You might also like