بنگلاديش پريميئر ليگ جي رانديگرن کي رهتون نه مليو، 20 ڪرڪيٽرن جا چيڪ بائونس

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ هڪ ڀيرو وري رهتن جي ادائيگي جو مسئلو ڪُر کڻڻ لڳو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، 12 هين ايڊيشن جي پڄاڻي تي رهتون جي عدم ادائيگي وارو مسئلو سامهون آيو جڏهن ته بي پي ايل جي گورننگ ڪائونسل سمورين فرنچائز کي رهتون ڪليئرڪرڻ لاءِ خط لکيوآهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، 27 جنوري تي لکيل خط ۾ 15 ڏينهن اندر رهتون ادا ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ رانديگرن جي بائيڪاٽ واري معاملي کانپوءِ رهتن وارو معاملو دير سان سامهون آيو.
هڪ رانديگر چيوته فرنچائزز اڃا تائين پنجويهه سيڪڙو ادائيگي ڪئي آهي، 20 جنوريءَ تي رانديگرن جا چيڪ بائونس ٿيا، جڏهن ته چيمپيئن فرنچائز راجشاهي وارئيرز طرفان سموريون رهتون ڪليئر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
بي پي ايل اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪجهه فرنچائززکي معاهدن موجب رهتون ڪليئر ڪرڻيون آهن، فرنچائزز کي سموريون فهرستون ڏنيون ويون آهن، ادائيگي لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.