دبئي/ڍاڪا/نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان بنگلاديش کي ٻاهر ڪرڻ واري معاملي تي نيٺ سريلنڪا خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
آءِ سي سي ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جو تڪرار اٽڪل ٽن هفتن کان جاري رهيو ۽ پوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ باڊي بنگلاديش جو مطالبو قبولڻ کان انڪار ڪندي ان کي ٽورنامينٽ ٻاهر ڪري ڇڏيو.
ٽورنامينٽ ۾ بنگلاديش جون ٽي ميچون ڪولڪتا ۾ شيڊيول هيون جڏهن ته هڪ ميچ ممبئي ۾ رٿيل هئي، پر هندو انتهاپسندن جي ڌمڪين سبب بنگلاديش جي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل مان ڪڍڻ کانپوءِ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ سيڪيورٽي جو جواز ڄاڻائيندي ڀارت ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجي ٽيم جون ميچون سريلنڪا منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو .
بنگلاديش کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ڪڍڻ واري فيصلي کي ڪرڪيٽ تجزئي نگارن طرفان نه رڳو حيران ڪندڙ قرار ڏنو ويو پر ڀارتي صحافين طرفان به ان فيصلي تي ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ٻئي پاسي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به عالمي ڪپ جو بائيڪاٽ يا ڀارت خلاف رٿيل ميچ کيڏڻ ڪان انڪار ڪري سگهي ٿو.
پر ان سموري صورتحال ۾ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ مڪمل خاموشي اختيار ڪئي هئي، پر هاڻي سريلنڪن بورڊ جو بيان سامهون آيوآهي.
سريلنڪا جي ڪرڪيٽ سيڪريٽري بندولاڊسا نائيڪي پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت، بنگلاديش ۽ پاڪستان جي تڪرار تي سريلنڪا نيوٽرل رهندو آهي ڇو ته هڙئي اسان جا دوست ملڪ آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن سريلنڪا کي چيو ويو ته اسان مستقبل ۾ به ٽورنامينٽس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
سريلنڪا جي راندين واري وزير سنيل ڪمار گمباگي ان معاملي تي خيالن جو اظهار ڪندي چيوته سريلنڪا ان ڳالهه کي ترجيح ڏئي رهيو آهي ته ميگا ايونٽ کي بهترين طريقي سان هلايو وڃي ۽ اسان پاڪ-ڀارت ميچ ڪرائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون.
واضح رهي ته ست فيبروري کان شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جون سڀ ميچون سريلنڪا ۾ شيڊيول آهن.
آءِ سي سي طرفان بنگلاديش کي ورلڊ ڪپ مان ڪڍڻ وارو معاملو، سريلنڪا نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏيو
You might also like