لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش جي جاءِ تي اسڪاٽ لينڊ کي شامل ڪرڻ جي خبرن تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت فيصلو حڪومت ڪندي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته آءِ سي سي کان وڌيڪ پاڪستان حڪومت جا تابع آهيون ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت فيصلو حڪومت ڪندي.
هن چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي حوالي سان حتمي فيصلي لاءِ وزيراعظم جي آمد جا منتظر آهيون، اڳ ۾ حڪومت فيصلو ٻڌائي، پوءِ اسان وٽ پلان اي، بي، سي موجود آهي.
سندس چوڻ هو ته بنگلاديش سان زيادتي ٿي رهي آهي، اهو ٻٽو معيار آهي، هڪ ملڪ ڪنهن کي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي.
واضح رهي ته ڪرڪيٽ ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ سي سي بنگلاديش جي جاءِ تي اسڪاٽ لينڊ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
You might also like