ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ايم ڪيو ايم کي جواب ڏيندي سانحي جي آڙ ۾ سياست ۽ صوبي کي ٻه ٽڪر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پنجاب ۾ روڊ به وفاق ٺاهيندو آهي، ڪراچي ۾ ڪو سهڪار ناهي ڪندو، اسان کان اهو نه پڇو ته يلو ۽ ريڊ لائن اڃا تائين ڇو مڪمل ناهي ٿي، وفاق کان پڇو ته ان جو ڪراچي ۾ گرين لائن منصوبو ڇو مڪمل ناهي ٿيو.
واضح رهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.
You might also like