تڪراري ٽوئيٽس ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي کي مجموعي طور 17-17 سال قيد جي سزا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ تڪراري ٽوئيٽس ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي کي مجموعي طور 17-17 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا تڪراري ٽوئيٽس ڪيس جو مختصر فيصلو ٻڌايو، 22 صفحن تي ٻڌل لکت حڪم نامو به جاري ڪيو ويو.
عدالت ٻنهي جوابدارن کي پيڪا ايڪٽ جي سيڪشن 9 تحت 5-5 سال قيد ۽ 50 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو.
عدالتي فيصلوي موجب سيڪشن 10 تحت 10-10 سال قيد ۽ 3 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته سيڪشن 26 اي تحت 2-2 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.
عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي کي مجموعي طور 17-17 سال قيد ۽ 3 ڪروڙ 60 لک رپيا ڏنڊ جون سزائون ٻڌايون.
عدالت پيڪا سيڪشن 11 ۾ ٻنهي جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.
ان کان اڳ اڄ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايمان مزاري چيو هو ته اسان عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيون ٿا، جنهن کانپوءِ هن ٻڌڻي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.