رياض( ويب ڊيسڪ) مشهور ترڪ اداڪارا ۽ ماڊل هاندي ارسل بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان سان گڏ وائرل ٿيندڙ پنهنجي وڊيو تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ ٿيل جواءِ ايوارڊز 2026ع دوران هاندي ارسل جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ اسٽيج جِي وڊيو ٺاهيندي نظر اچي رهي آهي، ان موقعي تي اسٽيج تي شاهه رخ خان کي مصري اداڪارا آمنه خليل سان گڏ ميزبان طور ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندي ئي ڀارتي ميڊيا اِها دعويٰ ڪرڻ شروع ڪئي ته ترڪ اداڪارا به بالي ووڊ بادشاهه جي مداح آهي.
ان کانپوءِ هاندي ارسل سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو مان هڪ اسڪرِين شاٽ پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪيو، جنهن ۾ شاهه رخ خان کي آمنه خليل سان گڏ اسٽيج تي ايوارڊ پيش ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
اسڪرِين شاٽ شيئر ڪندي هاندي ارسل لکيو ته ”هي انڪل ڪير آهي؟“
ترڪ اداڪارا وڌيڪ لکيو ته ”مان سندس مداح ناهيان، مان رڳو پنهنجي دوست آمنه خليل جي وڊيو ٺاهي رهي هيس.“
هاندي ارسل لکيو ته ”مهرباني ڪري اهڙي قسم جي غلط ڄاڻ پکيڙڻ بند ڪيو.“
واضح رهي ته شاهه رخ خان هن هاءِ پروفائيل تقريب ۾ ميزبان طور شرڪت ڪئي، جنهن جون ڪيئي وڊيو ڪلپس سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪيون آهن، جن تي سوشل ميڊيا واهيپدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.