ڊيووس (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڏکين حالتن مان نڪري چڪو، هاڻ ملڪ اقتصادي استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي.
ڊيووس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي برآمدن تي ٻڌل ترقي جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو، ملڪي نظام ۾ بنيادي ڍانچن ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته پاڪستان هاڻ سفارتي اڪيلائي مان نڪري آيو آهي ۽ زراعت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي، پاڪستان ۾ معاشي انگ اکر هاڻ مطمئن ڪندڙ آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هاڻ معدنيات جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري ٿي آهي، اسان روينيو گڏ ڪرڻ جي نظام ۾ وڏيون تبديليون ڪيون آهن، حڪومت نوجوانن کي تربيت فراهم ڪرڻ ۽ هنرمند بڻائڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن.
You might also like