راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عليما خان چيو آهي ته 8 فيبروري تي احتجاج جو سڏ عمران خان جو نه پر اپوزيشن اتحاد جو آهي.
پنهنجي وڪيل فيصل ملڪ سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته اسان عدالت کي چيو ته عمران خان عدليا جي آزادي لاءِ پرامن احتجاج جو چيو هو، توهان جي آزادي لاءِ آواز اٿارڻ تي اسان ئي جيلن ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ قانون جي بالادستي چاهي ٿو، هن ڪڏهن ناهي چيو ته منهنجي لاءِ نڪرو، جيڪڏهن عدالتن مان انصاف ملي ها ته اڄ اسان جي هيءَ حالت نه هجي ها، پي ٽي آءِ باني کي غير قانوني طور اڪيلائي ۾ قيد ۾ رکيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته 8 فيبروري جو سڏ اسان جي الائنس جو آهي عمران خان جو نه، پي ٽي آءِ باني سهيل آفريدي کي اسٽريٽ موومينٽ جي هدايت ڪئي آهي.
You might also like