16 جنوري کان تيل اگهن ۾ ڪيتري لاٿ ٿيندي؟ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ لاٿ سبب پاڪستان ۾ به 16 جنوري کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب 16 جنوري کان پاڪستان ۾ به پيٽرول شين جي اگهن ۾ 4 رپيا 59 پيسا في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان آهي.
پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 59 پيسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 79 پيسا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ هڪ رپيو 82 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 2 رپيا 8 پيسا في ليٽر لاٿ ٿي سگهي ٿي.
اوگرا اگهن ۾ تبديلي لاءِ ورڪنگ مڪمل ڪري ورتي، جيڪا پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ويندي.
پيٽروليم ڊويزن ناڻي واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ اگهن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.