ميلبورن (ويب ڊيسڪ) بگ بيش ليگ ۾ بيٽنگ دوران واپس گهرائڻ تي محمد رضوان جو موقف سامهون اچي ويو.
محمد رضوان چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪا سچائي ناهي ته بگ بيش ليگ ڇڏي واپس اچي رهيو آهيان، معاهدو پورو نه ڪرڻ جون ڳالهيون غلط آهن.
هن چيو ته ڪپتان جي ڳالهه مڃڻ منهنجو فرض آهي، ميچ ۾ ڪپتان امير هوندو آهي، ميچ جي صورتحال موجب ڪپتان جيڪو به فيصلو ڪيو ان تي عمل ضروري هو.
سندس چوڻ هو ته مون کي واپس گهرائڻ تي ڪو افسوس ناهي، ميچ کانپوءِ ڪوچ ۽ ڪپتان مون سان ڳالهائي ٿورا مڃيا ۽ معذرت به ڪئي.
You might also like