ٽرمپ جي خاص نمائندي جي رضا پهلوي سان ڳجهي ملاقات جو انڪشاف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص نمائندگي اسٽيو وٽڪوف جي ايراني بادشاهه جي جلاوطن پٽ رضا پهلوي سان ڳجهي ملاقات جو انڪشاف ڪيو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب ويڪ اينڊ تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ايران ۾ احتجاج جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي خابرو ادارن جو چوڻ آهي ته ايران ۾ پرتشدد مظاهرن کانپوءِ ايراني حڪومت مخالف شخصيت ۽ ٽرمپ انتظاميا وچ ۾ اها پهرين اعليٰ سطحي ملاقات هئي.
ان کان اڳ گذريل هفتي ٽرمپ اشارو ڏنو هو ته هو پهلوي سان ملڻ جو ارادو نٿو رکي.
واضح رهي ته ايران جي آخري بادشاهه جي جلا وطن پٽ رضا پهلوي ايران ۾ مهانگائي خلاف جاري احتجاج ۾ شدت آڻڻ لاءِ سڄي ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي هئي ته اهي روڊن تي نڪرن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.