جنگبندي باوجود غزا ۾ بي لغام اسرائيل جا حملا جاري، ٽن مهينن ۾ 100 ٻارن سوڌو 442 ڄڻا شهيد

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن انڪشاف ڪيو آهي ته جنگبندي باوجود گذريل ٽن مهينن دوران غزا ۾ اسرائيل حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 ٻار مارجي چڪا آهن.
گڏيل قومن جي ذيلي اداري يونيسيف موجب مارجي ويل ٻارن ۾ 60 ڇوڪرا ۽ 40 ڇوڪريون شامل آهن.
يونيسيف جي ترجمان جيمز ايلڊر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جنگبندي باوجود روز سراسري طور هڪ ٻار کي ماريو پيو وڃي.
يونيسيف موجب فضائي حملن، ڊرون حملن، ٽينڪن جي گولا باري ۽ سڌي ريت فائرنگ ۾ ٻار مارجي ويا.
ترجمان چيو ته اصل انگ ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، اهڙي جنگبندي جيڪا ٻارن جون حياتيون نه بچائي سگهي، ڪافي ناهي.
هوڏانهن غزا جي صحت واري وزارت موجب جنگبندي دوران ٻارن جي شهادتن جو انگ 165 تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته مجموعي طور 442 ڄڻا مارجي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.