ڪراچي مان شڪار لاءِ ويل 8 ڄڻا ڪيٽي بندر ڀرسان سمنڊ ۾ ٻڏي ويا

ڪيٽي بندر (ويب ڊيسڪ) ڪيٽي بندر ڀرسان ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب شڪار تي ويل 8 ڄڻا ٻڏي ويا.
افسوسناڪ حادثو ڪيٽي بندر ڀرسان پيش آيو، جنهن ۾ 8 ڄڻا سمنڊ ۾ ٻڏي ويا، متاثر سمنڊ ۾ پکين جي شڪار لاءِ ڪراچي کان آيا هئا.
حادثي جو اطلاع ملندي ئي مقامي مهاڻن فوري طور ڪارروائي ڪندي 6 ڄڻن کي بچائي ورتو، جڏهن ته ٻه ڄڻا اڃا گم آهن، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
شروعاتي اطلاعن موجب حادثي جو سبب تيز ڇوليون ۽ خراب موسم قرار ڏني پئي وڃي، جنهن سبب ٻيڙي بي قانو ٿي اونڌي ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.