وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي موجودگي ۾ ڊجيٽل ادائيگين بابت اهم يادداشت تي صحيحون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ورلڊ لبرٽي فنانشنل وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿي ويون.
پاڪستان ۽ ورلڊ لبرٽي فنانشل وچ ۾ ڊجيٽل ادائيگين ۾ جدت لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون.
تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.
هوڏانهن وزيراعظم سان ورلڊ لبرٽي فنانشل آمريڪا جي وفد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر زچري وٽڪوف جي قيادت ۾ ملاقات به ڪئي.
وزيراعظم وفد کي ڊجيٽل پاڪستان جي نظريي کان آگاهه ڪندي چيو ته ڊجيٽل ڪنيڪٽويٽي، شفافيت ۽ عوامي پهچ حڪومت جي ترجيح آهي، ڊجيٽل ادائيگيون ۽ مالياتي جدت ڊجيٽل معيشت جو اهم حصو آهن.
هن چيو ته پاڪستان جي ڊجيٽل مالياتي منڊين ۾ وڌندڙ عالمي دلچسپي سٺو سنئوڻ آهي، پاڪستان عالمي ڊجيٽل فنانس جو حصو بڻجي رهيو آهي.
ان موقعي تي زچري وٽڪوف پاڪستان سان هڪ محفوظ ۽ شفاف ڊجيٽل ادائيگي جي بنيادي ڍانچي لاءِ ڪم ڪرڻ جي دلچسپي ظاهر ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.