بنون ۾ امن ڪميٽي ميمبرن تي فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

بنون (ويب ڊيسڪ) بنون ۾ امن ڪميٽي تي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب بنون ۾ هويد جي علائقي ۾ امن ڪميٽي ميمبرن تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي.
پوليس ٻڌايو ته امن ڪميٽي ميمبر گلبدين لنڊائي ڊاڪ ۾ جرڳي تان موٽي رهيا هئا ته دهشتگردن مٿن انڌاڌند فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ پيءُ پٽ به شامل آهن.
پوليس موجب واقعي کانپوءِ علائقي جو گهيرو ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.