” منهنجو ڇا وڃي“، محمد نبي بنگلاديشي بالر مستفيض کي آءِ پي ايل مان ڪڍڻ واري سوال تي چڙي پيو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) افغانستان جو اڳوڻو ڪپتان ۽ سينيئر ڪرڪيٽر محمد نبي بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان بابت پڇيل سوال تي آپي مان نڪري ويو.
بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) ۾ ميچ کان پوءِ پريس ڪانفرنس دوران محمد نبي مستفيض کي ڀارت طرفان آءِ پي ايل مان ڪڍڻ بابت سوال تي ڪاوڙجي پيو.
محمد نبي سوال جو جواب ڏيڻ بدران چيو ته ”منهنجو ان معاملي سان ڪهڙو واسطو آهي؟ سياست ۾ منهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟“
افغان آل رائونڊر صحافي جي سوال کي گول مول ڪندي مستفيض کي سٺو بالر قرار ڏنو.
واضح رهي ته ڀارتي انتهاپسندن جي دٻاءُ کان پوءِ بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي بي سي سي آءِ جي حڪم تي بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي آءِ پي ايل فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز پنهنجي اسڪواڊ مان رليز ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ سيڪيورٽي خدشن جو سبب ٻڌائيندي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميچن لاءِ پنهنجي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو اعلان ڪيو، ۽ بي سي بي ان حوالي سان آءِ سي سي کي خط پڻ لکيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.