نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر راند ۾ سياست کڻي آيو ۽ پاڪستاني پسمنظر سبب آمريڪا جي نمائندگي ڪندڙ چئن ڪرڪيٽرن جون ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ويزائون رد ڪري ڇڏيون.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، ڀارت آمريڪا جي نمائندگي ڪندڙ چئن ڪرڪيٽرن جون ويزائون سندن پاڪستاني پس منظر هئڻ سبب رد ڪيون آهن.
آمريڪا طرفان کيڏندڙ فاسٽ بالر علي خان سوشل ميڊيا تي پنهنجي ويزا رد ٿيڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته شايان جهانگير، احسان عادل ۽ محمد محسن جون ويزائون به رد ڪيون ويون آهن.
واضح رهي ته ست فيبروري کان ڀارت ۾ شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ آمريڪي ٽيم پاڪستان، ڀارت، نميبيا ۽ نيڌرلينڊز جي گروپ ۾ شامل آهي.
آمريڪي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچ ميزبان ڀارت خلاف ست فيبروري تي کيڏندي.