لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا هانيه عامر جي حوالي سان سال شادي ۽ طلاق بابت اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن تي هانيه عامر پنهنجي مخصوص طنزيه انداز ۾ نجومي کي اهڙو جواب ڏنو جو مداح کِلي کِلي کيرا ٿي ويا.
اداڪارا کي سندس بيباڪي، حاضر جوابي، مزاح ۽ سوشل ميڊيا تي مختلف موضوعن تي کليل راءِ رکڻ واري عادت سبب تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي.
ويجهڙ ۾ هانيه عامر پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ مقامي ٽي وي چينل جي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هڪ نجوميءَ کي سندس ذاتي زندگي بابت اڳڪٿي ڪندي ڏيکاريو ويو.
وڊيو ۾ نجومي دعويٰ ڪئي هئي ته هانيه جي پيدائش ۽ نجومي نشانن جي تجزيي مان اهو نتيجو نڪتو آهي ته سندس 2026 ۾ طلاق ٿي ويندي، جيتوڻيڪ اداڪارا اڃا ڪنواري آهي.
هي غير معمولي اڳڪٿي هانيه عامر جي نظر کان نه بچي سگهي، هانيه عامر طنز ۽ مزاح جو سهارو وٺندي وڊيو تي تبصرو ڪيو ’’عجيب… پهرين شادي ته ٿيڻ ڏيو.‘‘
هانيه جو اهو جملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو ۽ مداحن طرفان مزاحيه تبصرن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
هڪ واهپيدار هانيه کي ٽيگ ڪندي لکيو ته ’’هانيه، توهان کي ان بابت خبر آهي؟‘‘ جڏهن ته ٻئي مزاق ۾ چيو، ’’ته پوءِ توهان لڪي شادي ڪري ڇڏي ۽ اسان کي ٻڌايو به نه؟‘‘ ڪنهن سوال ڪيو ته ’’شادي کان اڳ طلاق ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟‘‘
” پهرين ڪنوار بڻجڻ ڏيو“، هانيا عامر جو سندس شادي ۽ طلاق بابت اڳڪٿي ڪندڙ نجومي کي جواب
You might also like