بينظير هنرمند پروگرام ۾ شموليت جي خواهشمندن لاءِ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بي آءِ ايس پي حقدار خاندانن کي معاشي طور پيرن تي بيهارڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.
اهڙو ئي هڪ پروگرام بينظير هنرمند به آهي، جنهن جي باقاعدي شروعات ڪئي وئي آهي.
ان سلسلي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊائريڪٽر جنرل اين ايس اي آر ڊاڪٽڙ عاصم اعجاز اهم وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن چيو ته بينظير هنرمند پروگرام جي باقاعدي شروعات ٿي وئي آهي، جنهن جو مقصد بينيفشريز کي هنرمند بڻائي کين پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي.
هن ٻڌايو ته پهرئين مرحلي ۾ تربيتي پروگرام سنڌ حڪومت جي ڀائيواري سان سنڌ جي 28 ضلعن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن تحت مختلف فني مهارتن جي تربيت ڏني ويندي.
سندس چوڻ هو ته بينظير ڪفالت پروگرام مان فائدو کڻندڙ سڀني بينيفشريز کي درخواست آهي ته اهي جلد کان جلد پنهنجي ويجهي بي آءِ ايس پي تعلقي آفيس وڃن ۽ بينظير هنرمند پروگرام ۾ رجسٽريش مڪمل ڪرائين ته جيئن ان تربيتي پروگرام مان فائدو حاصل ڪري سگهن.
واضح رهي ته ان پروگرام ۾ شرڪت سان بينظير ڪفالت پروگرام جي اهليت متاثر نه ٿيندي، ان قدم جو مقصد بينيفشريز جي آمدني ۾ واڌ، معاشي استحڪام ۽ بهتر مستقبل جي فراهمي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.