اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي جي ڳرن بلن کان پريشان واهپيدارن لاءِ سٺي خبر اچي وئي، حڪومت سراسري بنيادي ٽيرف ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايڊيشنل سيڪريٽري پاور ڊويزن نيپرا ٻڌڻي ۾ چيو ته سبسڊي کي ايڊجسٽ ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري هاڻ ٽيرف ۾ ڪا واڌ نه ٿيندي.
اختيارين ٻڌايو ته جولاءِ کان هيل تائين انرجي مڪس ۾ فرق آيو، جنهن جي بنياد تي ٽيرف ۾ تبديلي نه پئي ڪئي وڃي.
ان وقت سڀني ڪيٽيگرين جي واهپيدارن کي 629 ارب رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، جڏهن ته مالي سال 2026 ۾ مالي ضرورتن جو ڪاٿو 3379 ارب رپيا لڳايو ويو آهي.
پاور ڊويزن اختيارين ٻڌايو ته انڊسٽريل ڪراس سبسڊيز کي 225 اربن مان گهٽ ڪري 102 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بجلي ڪمپنين جي نااهلين جو بار واهپيدارن تي نه پيو وڌو وڃي.
اختيارين موجب بلنگ سسٽم شروع ٿيڻ وارو آهي، ريگوليٽر کي گذارش آهي ته سبسڊي ۽ ٽيرف جي حوالي سان فيصلو جلد ڪيو وڃي.
You might also like