پاڪستان ۾ ڊاڪٽرن ۾ بيمارين ۽ آپگهات جي شرح عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي طبي فورم ۾ ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان جا 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ سرجن مستقل جسماني ۽ ذهني ٿڪاوٽ جو شڪار آهن.
ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ دواساز ڪمپني طرفان ”لائف ان اي ميٽرو“ سيمپوزيم ۾ دل جي مرضن ۽ نفسيات جي ماهرن ٻڌايو ته وڏن شهرن خاص طور ڪراچي ۾ ڊگهيون ڊيوٽيون، مستقل ذهني دٻاءُ، فضائي گدلاڻ، ٽريفڪ ۽ مريضن جو غير معمولي دٻاءُ ڊاڪٽرن کي دل جي مرضن، شگر، ٿولهه، ڊپريشن ۽ انزائٽي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي.
ماهرن موجب 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ڊاڪٽر سخت جسماني ۽ ذهني ٿڪاوٽ جو شڪار آهن ۽ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ مستقل ٿڪاوٽ ۽ غير صحتمند طرز زندگي ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.
هنن خبردار ڪيو ته پاڻ ئي سڃاڻپ، پاڻ ئي دوا استعمال ڪرڻ ۽ بيماري باوجود ڊيوٽي جاري رکڻ جي روايت ڊاڪٽرن کي ننڍي عمر ۾ ئي دل جي دوري، شگر، ڊپريشن ۽ آپگهات ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي، ڊاڪٽرن ۾ دل جي دوري، شگر، ڊپريشن ۽ آپگهات جي شرح عام آبادي جي ڀيٽ ۾ تقريبن ٻيڻي ٿي چڪي آهي.
ماهرن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور ذهني صحت جون سهولتون، بهتر ٽائم ٽيبل ٺاهڻ سان ادارن ۾ سڌارا نه آندا ويا ته پاڪستان پنهنجي ڊاڪٽرن کي وقت کان اڳ وڃائي سگهي ٿو، جنهن جا اثر مريضن ۽ قومي صحت جي نظام ٻنهي تي پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.