منهنجي هڪ شو جو معاوضو الٽو ڪار کان به چڙهيل آهي: مهڪ ملڪ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽرانس جينڊر ڊانسر مهڪ ملڪ انڪشاف ڪيو آهي ته سندس هڪ ڊرامي جو معاوضو هڪ الٽو ڪار جي قيمت کان به وڌيڪ آهي.
مهڪ ملڪ ويجهڙ ۾ هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميزبان طرفان معاوضي بابت سوال تي جواب ڏيندي هن چيو ته ”جنهن نموني يوٽيوبرز چوندا آهن ته هو پنهنجي وڊيوز مان ماهوار ايترو ڪمائيندا آهن، جنهن مان سولائي سان هڪ يا ٽي الٽو خريد ڪري سگهجن ٿيون، بلڪل اهڙي طرح مان به هڪ ڊرامي جو ايترو معاوضو وٺندي آهيان، جو ان مان هڪ ڏيڍ الٽو اچي وڃي.“
انٽرويو دوران ميزبان مهڪ ملڪ کان اداڪارا نرگس جي معاوضي جي ڀيٽ ۾ سندس معاوضي بابت به سوال ڪيو.
جنهن تي مهڪ ملڪ ٻڌايو ته سندس نرگس سان ڪڏهن به ملاقات ناهي ٿي، تنهنڪري ان حوالي سان ڪجهه نٿي چئي سگهي، پر سندس معاوضو ويهه لکن کان وڌيڪ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.