اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سهيل آفريدي افغان حڪومت جو ترجمان بڻجي ڪوڙ ۽ منافقت جي انتها ڪري ڇڏي.
سهيل آفريدي جي بيان تي ردعمل ڏيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير افغانستان جي ترجمان طور ڳالهائي رهيو هو، جيڪو انتهائي مذمت جوڳو ۽ شرمناڪ آهي.
هن چيو ته سڄي دنيا افغان طالبان رجيم جي دهشتگردن جي پٺڀرائي جا ثبوت ڏٺا آهن، جڏهن ته افغان سرزمين دهشتگرد ڪارروائين لاءِ استعمال ٿيڻ جون شاهديون به سامهون اچي چڪيون آهن.
سندس چوڻ هو ته سهيل آفريدي ڪوڙ ۽ منافقت جي انتها ڪري ڇڏي، پاڪستاني قوم دهشتگردن جو مقابلو ڪندي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، تحريڪ انتشار وارا جڏهن به وات کوليندا آهن ته دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪندا آهن.
وفاقي وزير چيو ته دهشتگردن کي پاڪستان جي ترقي قبول ناهي، تنهن ڪري پاڪستان کي نشانو بڻايو ويندو آهي، سهيل آفريدي کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي.
You might also like