جڊيشل ڪميشن پاران اسلام آباد ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ججن کي مستقل ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 3 ايڊيشنل ججن جي مستقل مقرري جي سفارش ڪري ڇڏي.
جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي اڄ ٿيندڙ اجلاسن جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جي صدارت چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ڪئي.
پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اجلاس جسٽس محمد اعظم خان، جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس انعام امين منهاس جي مستقل مقرري جي منظوري ڏني.
اجلاس ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نجم الدين مينگل جي مستقل جج طور مقرري جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته جسٽس ايوب خان جي منظوري جي سفارش اڪثريتي راءِ سان رد ڪئي وئي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته آئيني بينچن لاءِ ججن جي نامزدگي جي معيار تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
ڪميٽي ججن جي مقرري، انٽرويوز، طريقي ڪار ۽ رولز ۾ ترميمن جي حوالي سان سفارشون تيار ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.