اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ صدر آصف علي زرداري جي صحيحن بنا اسپيشل اڪنامڪ زونز آرڊيننس جاري ڪرڻ تي قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پ پ ميمبرن واڪ آئوٽ ڪيو، پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو ته هن ايوان جي پرائمري ذميواري قانون سازي آهي پر پهريون ڀيرو حڪومت هڪ اهڙو آرڊيننس لاڳو ڪيو، جنهن جي صدر منظوري ناهي ڏني.
هن چيو ته ان قانون سازي جي ڪا حيثيت ناهي، هنن حالتن ۾ اسان ايوان جو حصو نٿا بڻجي سگهون.
قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته پ پ ميمبر منهنجي ڳالهه ٻڌن، اها ڳالهه اسان جي نوٽيس ۾ آندي وئي آهي، جيڪا سوشل ميڊيا تي هلي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت طرفان واضح ڪيان ٿو ته جيستائين صدر منظوري نه ڏيندو اسان ان کي نوٽيفاءِ نه ڪنداسين.
هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صدر جي صحيحن بنا اسپيشل اڪنامڪ زونز آرڊيننس جاري ڪرڻ تي پارلياماني پارٽي اجلاس گهرائي ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پ پ پنهنجي خدشن تي ميمبرن سان مشاورت ڪندي.
صدر جي صحيح بنا آرڊيننس جاري ٿيڻ تي پ پ جو ايوان مان واڪ آئوٽ، بلاول اهم اجلاس گهرائي ورتو
You might also like