اسلام آباد(ا عزاز سيد + فخر دراني)اسلام آباد ۾ ڊي ايڇ اي جو اثررسوخ ۽ اربين رپين جي سرڪاري زمين تي قبضو، خبر موجب موجوده حڪومت، سي ڊي اي ۽ ان جو چيئرمين محمد علي رنڌاو تاريخ ۾ ان ڳالهه لاءِ ياد رکيا ويندا ته هنن اسلام آباد ۾ ڊي ايڇ اي آڻي ڇڏي،شهر جي سڃاڻپ بڻيل گرين بيلٽ، جهنگ ۽ هزارين وڻ ڪٽرايا ڊي ايڇ اي جي داخلا لاءِ پارڪ روڊ ڀرسان لڳ ڀڳ هڪ ڪلوميٽر علائقو مڪمل صاف ڪيو ويو هزارين وڻ رات وچ ۾ مشينن سان ڪٽيا ويامقامي ماڻهن موجب ڪاٺ جا ٽڪرا عام ماڻهن کي کڻڻ لاءِ ڏنا وياسي ڊي اي ۽ فاريست ڊپارٽمينٽ جا ماڻهو به اتي موجود هئا هي زمين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (NIH) جي ملڪيت آهي،اين آءِ ايڇ هڪ خودمختيار سرڪاري ادارو آهي،ان جي عملدارن سخت احتجاج به ڪيوسي ڊي اي چيئرمين کي 8 نڪتن تي ٻڌل لکيل خط موڪليو ڊي ايڇ اي سرڪاري ۽ خانگي زمينن تي نظر رکي ويٺي آهي ملڪ آباد سميت ٻيا علائقا به نشاني تي آهن،الزام آهي ته اهڙا فيصلا ڪندڙ آفيسر”انعام” طور پلاٽ وٺن ٿا ماضي ۾ به اهڙا مثال موجود آهن (مثال: احمد نواز سکيرا)پاڪستان هاڻي ريئل اسٽيٽ ملڪ بڻجي ويو آهي صنعتون بند، پر هائوسنگ سوسائٽيون وڌن پيون سڄو ملڪ ڄڻ “ڊي ايڇ اي” بڻايو پيو وڃي عام ماڻهن کي اهي سهولتون ناهن ملنديون، جيڪي ڊي ايڇ اي وارن کي ملن ٿيون سي ڊي اي دعويٰ ڪري ٿي وڻن جي ڪٽائي بابت تنقيد “ذاتي مفادن” سبب آهي
اسلام آباد مان لڳ ڀڳ 30 هزار توت جا وڻ ختم
اسلام آباد(بيورو)ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) 2024ع کان وٺي هاڻي تائين لڳ ڀڳ 30 هزار توت جا (Paper Mulberry) وڻ ڪٽي ختم ڪري ڇڏيا آهن. هي ڪارروائي عدالت جي حڪمن تحت ڪئي وئي، جنهن جو مقصد شهر ۾ وڌندڙ پولن الرجي ۽ دمي جهڙين بيمارين تي ضابطو آڻڻ ٻڌايو ويو آهي.اسلام آباد جي مختلف علائقن، جن ۾ ايف-9 پارڪ ۽ شڪرپڙيان شامل آهن، مان سامهون ايندڙ وڊيوز ۾ ڏٺو ويو آهي ته ڳري مشينري استعمال ڪري وڏي پيماني تي وڻن جي صفائي ڪئي پئي وڃي. ان صورتحال بعد شهري حلقن ۾ خدشا وڌي ويا آهن ته ڪٿي الرجي پيدا ڪندڙ وڻن جي نالي ۾ ٻين قسمن جا وڻ به ترقياتي منصوبن جي دٻاءَ هيٺ ختم ته ناهن ڪيا پيا وڃن.سي ڊي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته هر هڪ ڪٽيل پيپر ملبري وڻ جي بدلي ٽي مقامي قسم جا وڻ پوکيا ويندا. شهري حلقن جو مطالبو آهي ته وڻن جي ڪٽائي ۽ ٻيهر پوک بابت مڪمل شفافيت اختيار ڪئي وڃي، جيئن ماحولياتي تحفظ ۽ شهري ترقي وچ ۾ توازن برقرار رهي سگهي.
انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي وڻ وڍڻ جو نوٽيس ورتو
اسلام آباد(بيورو)صحافي اويس يوسفزئي لکيو ته انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي اسلام آباد ۾ وڻ وڍڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو،ڪيترا وڻ ڪٽڻ جو ٽينڊر ٿيو؟ٺيڪيدار ڪيترا وڻ ڪٽيا؟ڪٽيل وڻن جي بدلي ۾ ڪهڙا وڻ لڳايا پيا وڃن؟سي ڊي اي کان تفصيل طلب ڪيا ويا آهن،جاچ به جاري آهي.
”اسلام آباد کي ريگستان بڻجڻ کان بچايو“سوشل ميڊيا تي ماحوليات بچائڻ جي مهم
اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)سينئر صحافي اعزاز سيد ايڪس(ٽوئيٽر) تي سي ڊي اي چيئرمين جي تصوير رکي لکيو آهي ته هي آهي ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جو چيئرمين محمد علي رنڌاوا، جنهن جي دور ۾ اسلام آباد ۾ ڊي ايڇ اي جي آمد ٿي. ساڳئي دور ۾ شهر ۾ وڻ ڪٽي رات پيٽ ۾ غائب ڪيا ويا.ذريعن موجب، هن جي انهن “ايمانداراڻين” ۽ انتھڪ خدمتن عيوض سرڪار طرفان کيس پلاٽ الاٽ ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اهو به چيو پيو وڃي ته ڊي ايڇ اي به سندن خدمتن جو اعتراف ڪندي شايد ڪو پلاٽ الاٽ ڪري.صحافي عاصمه شيرازي به لکيو ته اسلام آباد کي ريگستان بڻجڻ کان بچايو،جي يو پي اڳواڻ شاهه اويس نوراني لکيو ته اسلام آباد کي گنجو ڪرڻ خلاف آواز اٿاريو،شهر کي گنجو ڪندڙ قومي ڏوهاري آهن، صحافي مليحه هاشمي لکيو ته سي ڊي اي،شهبازشريف،محسن نقوي کي اسلام آباد جي خوبصورتي ختم ڪرڻ ۽ ماحوليات تباهه ڪرڻ تي شرم اچڻ گهرجي،سينئر صحافي حامد مير لکيو ته اسلام آباد اصل ۾ جنت کي جهنم ۾ تبديل ڪرڻ جي فن جي درسگاهه بڻجي چڪو آهي،اسد چوڌري لکيو ته اسلام آباد ۾ وڻ ڪٽيا پيا وڃن،مان هي وارو اسلام آباد ڏسي ڪينيڊا کان اسلام آباد منتقل ٿي رهيو آهيان جنهن ڪينيڊا ۾ هڪ ماڻهو لاءِ 10 هزار وڻ آهن،صحافي ڪاشف عباسي چيو ته سي ڊي اي پولن الرجي پکيڙيندڙ وڻ ڪاٽڻ جي آڙ ۾ اسلام آباد مان ٻيلن جو صفايو ڪرڻ لڳي آهي،سرسبز ترين راڄڌاني کي گنجو ڪيو ويو،احمد وڙائچ لکيو ته اسلام آباد ۾ وڻ ڪٽي نئون روڊ ٺاهيو پيو وڃي،مارگله انڪليو ڊي ايڇ اي،پارڪ ويو ۽ بحريه ٽائون کي فائدو ٿيندو،نادر بلوچ لکيو ته اسلام آباد جي هريالي جو دشمن ڪير آهي؟ڇو ان جي حسن کي گرهڻ لڳائي رهيا آهن؟اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت جواب ڏي،چيئرمين سي ڊي اي جواب ڏي،اسلام آباد کي چولستان ڇو پيو بڻايو وڃي؟اسلام آباد جي گرين بيلٽ تي قبضو ڪيو پيو وڃي،اها ايندڙ نسلن سان دشمني آهي،اها بدترين ڪرپشن آهي،شاعر احمد فرهاد لکيو ته اسلام آباد سان به اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي جيڪو آئين،جمهوريت،عدليه،بنيادي انساني حقن سان ٿي رهيو آهي،هن لکيو ته هي ٿر ناهي اسلام آباد جي دل ۾ واقع چڪ شهزاد جو پوئين پاسي کان اهو علائقو آهي جتي هزارين وڻ ڪٽي ڊي ايڇ اي بڻايو پيو وڃي،ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اسلام آباد رڳو ڪتابن ۽ تصويرن ۾ ئي رهجي ويندو،احسن وحيد چيو ته اسلام آباد ۾ گذريل ٻن سالن ۾ لکين وڻ ڪٽي ماحول دشمني ڪئي وئي،علي عمران عباسي لکيو ته اسلام آباد کي ڪنڪريٽ جو پهاڙ بڻائيندڙن جو پنهنجو نسل ته لنڊن ۽ آمريڪا ۾ ترسيل هوندو،سوچيو اسان جي نسلن لاءِ ساهه کڻڻ به مشڪل ٿي ويندو،صحافي نصرت جاويد چيو آهي ته ڇا اسان زمين تي رينگهجندڙ ڪيڙا آهيون؟اسان جو ڪو اختيار ناهي؟سي ڊي اي چيو آهي ته وڻ ڪٽڻ وارو آپريشن پوري قوت سان جاري رهندو،ان آپريشن خلاف ڪجهه عنصر ناڪاري پروپيگنڊا پيا ڪن،ڀائي جيڪڏهن واقعي وڻڪاري ڪئي آهي ته ڏيکاريو،ڪٿي ڪئي آهي؟سي ڊي اي چوي ٿي ته جنگلي شهتوت جا وڻ ڪٽي مقامي وڻن جي وڻڪاري لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو ويو اهي.