ڪاجول جي همشڪل ڪوٺڻ تي اداڪارا نمرا شاهد جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا نمرا شاهد بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ڪاجول سان پنهنجي ڀيٽ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
ويجهڙ ۾ نمرا شاهد هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف موضوعن تي ويچار ونڊيا.
شو دوران نمرا شاهد بالي ووڊ اداڪارا ڪاجول سان پنهنجي ڀيٽ تي تبصرو ڪندي چيو ته ” معمه “ڊرامي جي نشر ٿيڻ کانپوءِ ڪيئي ماڻهو کيس ڪاجول جي همشڪل قرار قرار ڏئي رهيا آهن،
هن چيو ته هوءَ نٿي ڄاڻي ته هي تعريف جي زمري ۾ اچي ٿي يا نه پر هڪ اداڪارا لاءِ پُراثر اکيون هئڻ يقينن هڪ هاڪاري ڳالهه آهي.
واضح رهي ته نمرا شاهد 2016 ۾ شوبز انڊسٽري ۾ قدم رکيو ۽ ٿوري عرصي ۾ پنهنجي باصلاحيت اداڪاري جي ڪري انڊسٽري ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
هوءَ شاهه رخ ڪي ساليان، شدت، ڀولي بانو، ڊر خدا سي، روميو ويڊز هير، کٺي ميٺي لو اسٽوري، ۽ مشتِ خاڪ جهڙن ڪامياب ڊرامن ڪم ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.