سنڌ ۾ ريلوي جي 6 روٽن جي بحالي لاءِ صوبائي حڪومت جو جديد ٽرينون خريدڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه ريلوي منصوبن لاءِ 6.6 ارب ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير سان ريلوي واري وزير حنيف عباسي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت سان گڏجي سنڌ جي عوام لاءِ ريلوي جا جديد منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون، سنڌ جي 67 سيڪڙو آبادي کي ريلوي جي نئين منصوبي سان فائدو ٿيندو، سنڌ حڪومت 6 جديد ٽرينون خريدڻ تي غور ڪري رهي آهي.
حنيف عباسي چيو ته روهڙي اسٽيشن تي عالمي معيار جي ڪم لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن، ريلوي وزارت 6 جديد ٽرينن بابت سنڌ حڪومت کي سمورا تفصيل ڏيندي.
هن چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي اها ڀائيواري پاڪستان ريلوي جي تاريخ جو نئون باب هوندو، سنڌ کي ريلوي جو اهڙو نظام ڏينداسين، جيڪو ماحول دوست هوندو ۽ معاشي ترقي به ٿيندي.
مراد علي شاهه چيو ته اسان جو مقصد سنڌ جي ڏورانهن علائقن کي جديد ۽ سستيون سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، ريلوي جو منصوبو روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ڪندو.
وڏي وزير جي ترجمان چيو ته سنڌ ۽ وفاق ۾ ريلوي منصوبي ۾ ڀائيواري تي اتفاق ٿيو آهي، سنڌ ۾ 858 ڪلو ميٽر ڊگهي ريلوي نيٽ ورڪ کي جديد بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، بنا ڦاٽڪ جي 100 ريلوي ڪراسنگ محفوظ بڻائڻ لاءِ 6 ارب رپيا رکڻ جي تجويز تي اتفاق ٿيو آهي.
ترجمان موجب ڪوٽڙي کان دادو، دادو کان لاڙڪاڻي، حيدرآباد کان ميرپورخاص، روهڙي کان جيڪب آباد ۽ حيدرآباد کان بدين سميت 6 اهم روٽن جي بحالي جو فيصلو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.