ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي قومي ايئر لائن بيمان ڪراچي لاءِ سڌي ريت اڏامن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو، جنهن تحت پهرين اڏام 29 جنوري تي ڍاڪا کان رواني ٿيندي، جيڪا سال 2012 کانپوءِ پهرين باقاعدي اڏام هوندي.
شيڊيول موجب ڍاڪا ۽ ڪراچي وچ ۾ هفتيوار ٻه اڏامون هلايون وينديون، ايئر لائن اختيارين ٻڌايو ته پهرين اڏام لاءِ سيٽن جي بڪنگ کلندي ئي سموريون سيٽون ڪجهه ڪلاڪن ۾ وڪرو ٿي ويون، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفري سهولتن جي وڌندڙ گهر کي ظاهر ڪري ٿو.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ فضائي رابطي جي بحالي سان واپاري، ڪاروباري ۽ عوامي لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ عوام لاءِ سفر آسان ۽ گهٽ وقت ۾ ممڪن ٿيندو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته سڌي ريت اڏامون ٻه طرفن لاڳاپن ۾ بهتري، سياحت ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جا نوان موقعا پيدا ڪنديون.
You might also like