وينزويلا جي آمريڪي حملي ۾ 100 ماڻهو مارجڻ جي تصديق

ڪاراڪاس (ويب ڊيسڪ) وينزويلا پهريون ڀيرو عوامي سطح تي آمريڪي حملي ۾ 100 ڄڻا مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
وينزويلا جي گهرو وزير ڊيوسڊاڊو چيو ته ڪاراڪاس ۾ آمريڪا طرفان صدر مادورو کي گرفتار ڪرڻ دوران حملن ۾ 100 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.
هن چيو ته اسان جي ملڪ تي آمريڪي حملو خوفناڪ هو، صدر مادورو ۽ سندس گهرواري به حملي ۾ زخمي ٿيا، مادورو کي ڄنگهه ۾ ڌڪ لڳو، جڏهن ته سندس گهرواري کي مٿي ۾ ڌڪ لڳو، هن وقت ٻئي آمريڪي حراست ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.