لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور صحافي نعيم حنيف اداڪارا صبا قمر کان عوامي طور معافي گهري ورتي، معافي اداڪارا طرفان ڏهه ڪروڙ رپين جي قانوني نوٽيس موڪلڻ کانپوءِ ورتي وئي آهي.
صحافي هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران اداڪارا کان دل آزاري تي معافي گهرندي اعتراف ڪيو ته ٽي نومبر تي صبا قمر بابت هڪ خبر شيئر ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ”هوءَ پنهنجي بواءِ فرينڊ طرفان تحفي ۾ ڏنل گهر ۾ رهي ٿي، جنهن سان هوءَ مبينا طور لائيو ان رشتي ۾ هئي.“
هن چيو ته ”بعد ۾ خبر جي حوالي سان تحقيق ڪئي ته پتو پيو ته اها دعويٰ غلط هئي ۽ حقيقت جي ابتڙ هئي، خبر سبب صبا قمر جي دل آزاري ۽ ڪردار ڪشي ٿي، تنهنڪري مان معافي گهري ٿو“
واضح رهي ته صحافي نعيم حنيف اداڪارا صبا قمر جي ماضي بابت سنگين الزامن لڳايا هئا، جن کي اداڪارا بي بنياد قرار ڏيندي واضح اعلان ڪيو هو ته هوءَ هن معاملي تي قانوني ڪارروائي ڪندي.
صحافي اداڪارا تي الزام لڳائيندي چيو هو ته ”هو جڏهن ملڪ جي وڏي ميڊيا اداري سان لاڳاپيل هو، تڏهن يعني 2003ع کان 2004ع دوران صبا قمر لاهور جي والٽن روڊ تي هڪ اهڙي شخص طرفان فراهم ڪيل گهر ۾ رهندي هئي، جنهن سان سندس لاڳاپا هئا، پر شادي نه ٿي هئي.“
نعيم حنيف دعويٰ ڪئي هئي ته ”صبا قمر ان همراهه سان ڪيل واعدا پوري نه ڪري سگهي، جنهن کان پوءِ هو کيس هراسان ڪرڻ لڳو هو.“
صبا قمر سمورن دعوائن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏنو ۽ قانوني رستو اختيار ڪندي نعيم حنيف کي 10 ڪروڙ رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس جاري ڪيو هو.
قانون نوٽيس کانپوءِ نعيم حنيف چيو هو ته هن ڪيئي اهڙي تنقيدن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ هو ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي،صحافي واضح ڪيو هو وقت اچڻ تي وڌيڪ حقيقتون ظاهر ڪندو.ا