ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون مسلسل ٻئي ڏينهن سستو ٿي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 600 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 4 لک 66 هزار 162 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 515 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ لک 99 هزار 658 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 6 ڊالر لاٿ سان 4 هزار 438 ڊالر في اونس آهي.
You might also like