پاڪستان سپر ليگ ۾ ٻه نيون ٽيمون حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ شامل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ ٻه نيون ٽيمون حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ شامل ٿي ويون.
اسلام آباد ۾ ٿيل نيلامي واري تقريب دوران ايف ڪي ايس گروپ 175 ڪروڙ رپين ۾ حيدرآباد ۽ اوزي ڊيولپرز 185 ڪروڙ رپين ۾ سيالڪوٽ جي ٽيم خريد ڪئي.
علي ترين طرفان نيلامي واري عمل کانپوءِ ٻولي ۾ نو پارٽيون شامل ٿيون.
پهريان ايف ڪي ايس گروپ پي ايس ايل جي ستين ٽيم 175 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪئي ۽ ٽيم لاءِ حيدرآباد جو نالو چونڊيو ويو.
ان موقعي تي حيدرآباد ٽيم جي مالڪ فواد سرور چيو ته ”مان حيدرآباد ۾ ئي ڄائو نپنو آهيان، اسان ڪنهن به قيمت تي ٽيم خريدڻ چاهيون پيا.“
پي ايس ايل جي اٺين ٽيم لاءِ سخت مقابلو ٿيو، پر اوزي ڊيولپرز ٽيم 185 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪري ورتي، ٽيم تي سيالڪوٽ شهر جو نالو رکيو ويو آهي.
پي ايس ايل جون ٻئي نيون ٽيمون گڏيل طور تي ٽي ارب سٺ ڪروڙ رپين ۾ وڪري ٿيون، حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ جي شموليت کانپوءِ هاڻي ڪل ٽيمن جو انگ اٺ ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جو يارهون سيزن اٺن ٽيمن تي ٻڌل هوندو، جيڪو 26 مارچ کان ٽي مئي تائين ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.