گوادر (ويب ڊيسڪ) سمنڊ رستي غير قانوني طور ايران وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ ماڻهن جي کيپ گرفتار ڪري وئي.
ايف آءِ اي ڪمپوزٽ سرڪل گوادر جيواڻي ۾ ڪارروائي ڪندي سمنڊ رستي غير قانوني طور ايران ويندڙ 24 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن جو واسطو پنجاب جي مختلف ضلعن سان آهي، اهي غير قانوني طور سمنڊ رستي ايران وڃي رهيا هئا.
ترجمان چيو ته جوابدارن کي ايران مان غير قانوني طور ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻو هو، ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like